Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

تِرا درد میرا دَرماں تِرا غم مِری خوشی ہے

مجھے درد دینے والے تری بندہ پروری ہے

   سورُ ته انهي وقت ختم ٿي ويو پر هٿ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، 17 ڏينهن کان پوءِ شاهي اسپتال ۾ ايڪسرو ڪرايو ته هڏي جا ٻه ٽڪرا آيا جن ۾ ڪجھ فاصلو هو پر اسان علاج نه ڪرايو، پوءِ آهسته آهسته هٿ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، مديني پاڪ زَادَھَا اللہُ شَرَفاً وَّ تَعْظِیْماً جي ان اسپتال جي ڊاڪٽر محمد اسماعيل چيو ته هي خاص ڪرشمو ٿيو آهي جو هي هٿ طبي لحاظ کان حرڪت به نه ٿو ڪري سگهي، اهو ايڪسرو مون وٽ آهي، هڏي اڃان تائين ٽُٽل آهي، (پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا مان) ان ٽُٽل هٿ سان تفسير لکي رهيو آهيان، مان پنهنجي هن ٽٽل هٿ جو علاج صرف هي ڪيو ته آستانهءِ عاليه تي بيهي ڪري عرض ڪيم ته حضور! منهنجو هٿ ٽُٽي پيو آهي، اي عبدُ الله بن عَتِيڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ٽُٽل ڀيڏي جوڙڻ وارا! اي معاذ بن عَفراء رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ٽُٽل ٻانهن جوڙڻ وارا (پيارا محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ!) منهنجو ٽُٽل هٿ جوڙي ڇڏيو![1]

چاند کو توڑ کے پھر جوڑنے والے آجا                                        ہم بھی ٹوٹی ہوئی تقدیر لئے پھرتے ہیں

مديني جي سختي تي صبر ڪرڻ جو ثواب

   پيارا اسلامي ڀائرو! مفتي صاحب جي هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ به سبق آهي، مديني پاڪ حاضري ٿئي ته ظاهر آهي*هوا تبديل ٿيندي آهي*موسم تبديل ٿيندي آهي*وري ڪڏهن ڪڏهن سفر وغيره جي ٿڪاوٽ ٿيندي آهي*اتي پهچي ڪري روحاني لحاظ سان نه بلڪه جسماني طور تي ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي*ڪڏهن بخار ٿي ويو*ڪڏهن مٿي ۾ سور*ڪڏهن ٿڪاوٽ*ڪڏهن ڪو ڪنڊو لڳي ويو وغيره تڪليف ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿئي ته صبر ڪرڻ گهرجي، هي


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:9، سورۃ الاعراف، زیرِ آیت:188، جلد:9، صفحہ:424۔