Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

ڪجھ ضروري اعلان

 *هر ڇنڇر تي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي انشآءَ الله الڪريم هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو جنهن ۾ اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائين ۽ ٻين کي به دعوت ڏين*اميرِ اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ دنيا جي مَحبت رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثال طور WhatsApp وغيره استعمال ڪن ٿا، ربَّ جي رضا ۽ ثواب لاءِ هن رسالي کي ٻين تائين (Share) ڪيو!*قرباني ڪرڻ وارن جي لاءِ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه هڪ نهايت پيارو رسالو اَبلق گهوڙي سوار تحرير فرمايو آهي. هن رسالي ۾ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه قرباني جي فضيلتن ۽ مسئلن کي وڏي آسان انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هي رسالو مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان وڏي سائز ۾ 30 روپيا ۽ ننڍي سائز ۾ 15 روپيا ڏئي طلب ڪيو! اڄ ئي هي رسالو خريد ڪيو! پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ