Book Name:Shehar e Muhabbat
پنهنجي ڏاٺَ هيٺان رکي ڪري فرمائڻ لڳا: مديني پاڪ جي کارڪ وات ۾ رکي آهي، جيستائين ڳري ڪري اندر ويندي رهندي، ايمان تازو ٿيندو رهندو.[1]
کھجورِ مدینہ سے کیوں ہو نہ اُلفت
کہ ہے اس کو آقا کے کُوچے سے نسبت
مديني ۾ پنهنجا وارَ ۽ نَنهن دفن فرمايا
حضور مُحدثِ اعظم پاڪستان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي محبت جو هڪ انداز هي به آهي ته جڏهن کين مديني پاڪ حاضري جي سعادت ملي ته اتان کان واپسي جي وقت پاڻ پنهنجا ڪجھ وارَ ۽ نَنهن مديني شريف ۾ دفن ڪري ڇڏيا ۽ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ! مديني پاڪ ۾ مرڻ ته منهنجي اختيار ۾ نه آهي البت پنهنجي جسم جا ڪجھ حصا دفن ڪري وڃي رهيو آهيان، اسان غريبن جي لاءِ هيءُ ئي غنيمت آهي.[2]
جان و دل چھوڑ کر یہ کہہ کے چلا ہوں اعظمؔ
آ رہا ہوں مِرا سامان مدینے میں رہے
مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ ۽ مديني جي محبت
مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ 1390ھ ۾ حج ۽ مديني جي زيارت جي سعادت حاصل ڪئي، هن حوالي سان مديني جي سفر جو هڪ ايمان تازو ڪندڙ واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا: مان مديني شريف ۾ تِرڪي ڪِري پيس ته کاٻي هٿ جي ڪارائيءَ جي هڏي ٽُٽي پئي، سور گهڻو ٿيو ته مون ان کي چُمندي چيو: اي مديني جا سورَ تنهنجي جڳھ منهنجي دل ۾ آهي تون ته مونکي يار جي دروازي تان مليو آهين.