Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

الله پاڪ جي مديني سان محبت

   امام حاڪم نيشاپوري رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ کان روايت آهي ته جڏهن مدني آقا، مڪي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هجرت جو ارادو فرمايو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي: اَللّٰہُمَّ اِنَّکَ اِنْ اَخْرَجْتَنِیْ مِنْ اَحَبِّ الْبِلَادِ اِلَیَّ فَاَسْکِنِّیْ فِی اَحَبِّ الْبِلَادِ اِلَیْکَ يعني اِلٰهي! تو مونکي منهنجي محبوب ترين شهر (يعني مڪي) کان هجرت جو حڪم ڏنو آهي، هاڻي منهنجو قيام اهڙي جڳھ فرماءِ جيڪو تو وٽ محبوب ترين هجي هن دعا کان بعد الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ مديني پاڪ جو انتخاب فرمايو، ان مان معلوم ٿيو ته مدينو پاڪ الله پاڪ وٽ محبوب تَرين مقام آهي.

شاہ تم نے مدینہ اپنایا                                           واہ! کیا بات ہے مدینے کی

اپنا روضہ اسی میں بنوایا                                 واہ! کیا بات ہے مدینے کی([1])

توريت شريف ۾ مديني جو  ذڪر

 حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي توريت جا تمام وڏا عالِم هئا، قرآنِ پاڪ جا به عالِم هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: توريت شريف (جيڪو حَضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام تي نازل ٿيو، ان) ۾ الله پاڪ مديني شريف کي هيئن مخاطب فرمايو: یَا طَیْبَۃُ! یَا طَابَۃُ! یَا مَسْکِیْنَۃُ! لَا تَقبُلِیْ الْکُنُوْزَ اِرْفَعِیْ اَجَاجِیْرَکَ عَلیٰ اَجَاجِیْرِ الْقُرٰی اي طيبه! اي طابه...!! (يعني اي پاڪ زمين!)، اي مَسڪينه (يعني سڪون ۽ قرار واري زمين) تون خزانا قبول نه ڪجانءِ...!! تون پنهنجي شان ۽ شوڪت کي ٻين شهرن جي شان کان بُلند رکجان..!![2]


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:388۔

[2]...فتح الباری لابن حجر، کتاب فضائل المدینہ، باب المدینہ طابۃ، زیرِ حدیث:1872، جلد:4، صفحہ:115۔