Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

محبت جي شهر جي تڪليف آهي ۽ محبوب جي طرفان ملڻ وارو زخم به گُل هوندو آهي. شهنشاھِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جو فرمانِ باقرينه آهي: منهنجو جيڪو اُمتي مديني جي تڪليف ۽ سختي تي صبر ڪندو، مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪندُس.[1]

   مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ هن حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: حق هي آهي ته هي واعدو سڄي اُمت جي لاءِ آهي جو مديني ۾ مرڻ وارا حضورِ انور (صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ) جي هن خصوصي شفاعت جا حقدار آهن.[2]

خارِ صحرائے نبی پاؤں سے کیا کام تجھے                                       آ مِری جان مِرے دل میں ہے رستہ تیرا

بھیک بے مانگے فقیروں کو جہاں ملتی ہے                 دونوں عالم میں وہ دروازہ ہے کس کا تیرا([3])

وضاحت: اي مديني پاڪ جا ڪنڊا! تون منهنجي محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جي شهر مبارڪ جو حصو آهين تنهنجي جڳھ اسان جهڙن جي پيرن ۾ نه بلڪه دلين ۾ آهي، ٻنهي جهانن ۾ صرف مديني پاڪ جو هي شان آهي ته هتي فقيرن کي بنا گهرڻ جي ئي عطا ڪيو ويندو آهي.

مُفتي نقي علي خان  رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ  جو ذڪرِ خير

 پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت جا والد صاحب مولانا مُفتي نقي علي خان  رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ به تمام وڏا عاشقِ رسول هئا، الحمد الله! مديني جا عاشق به هئا، ذوالقعده جي  29 يا 30 تاريخ تي سندن عرس ٿيندو آهي، ڪوشش ڪري پنهنجي گهرن ۾ دڪانن تي آفيسن ۾ انهن جي لاءِ ايصال ثواب جو اهتمام ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪامل ولي جو فيضان نصيب ٿيندو. اچو! سندن مديني جي عشق جو ذڪر ٻڌون ٿا:


 

 



[1]... مسلم، کتاب الحج، باب الترغیب فی سکنی المدینہ...الخ، صفحہ:512، حدیث:1378۔

[2]... مراۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:210۔

[3]... ذوقِ نعت، صفحہ:25۔