Book Name:Shehar e Muhabbat
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! مديني پاڪ جا بي شمار فضائل آهن، انهن مان هڪ فضيلت هي به آهي ته مدينو پاڪ محبت جو شهر آهي. هن پاڪ شهر جا 100 کان وڌيڪ نالا آهن، تنهن مان 3 نالا هي آهن: (1) مَحبوبَه (2) مُحَبَّہ (3) مُحَبَّبَہ هنن ٽنهي جي معنيٰ ملندڙ جلندڙ آهي. مطلب هي آهي ته مدينو محبوب شهر آهي، پيارو شهر آهي، هي عظيمُ الشان شهر محبت جو شهر آهي.
اَلحَمۡدُلله! مدينو پاڪ اهو مُقدس شهر آهي، جنهن سان الله پاڪ به محبت فرمائي ٿو، ان جا رسول به محبت فرمائن ٿا، خاص طور آخري نبي، مُحمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته تمام گهڻي محبت فرمائيندا آهن، الله پاڪ جا ملائڪَ به مديني پاڪ سان محبت فرمائيندا آهن ۽ الله پاڪ جي فضل سان، ان جي عطا سان صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرضوان کان وٺي اڄ تائين عاشقانِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ سان محبت به ڪندا آهن، ان جي يادن ۾ تڙپندا به آهن، مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ ترسندا به آهن ۽ هرگهڙي هر وقت مديني پاڪ جو ذڪر ڪري روح کي راحت ۽ سڪون به پهچائيندا آهن.
مدینہ، مدینہ، ہمارا مدینہ ہمیں جان و دِل سے ہے پیارا مدینہ
سُہانا، سُہانا دِل آرا مدینہ دِوانوں کی آنکھوں کا تارا مدینہ
یہ ہر عاشِقِ مصطفےٰ کہہ رہا ہے ہمیں تو ہے جنّت سے پیارا مدینہ
مدینے کے جلووں کے قربان جاؤں خُدا نے ہے کیسا سَنْوارا مدینہ
خُدا گر قیامت میں فرمائے مانگو...!! پُکاریں گے دِیوانے پیارا مدینہ
ضیا پیرو مرشِد کے صدقے میں آقا یہ عطّار آئے دوبارہ مدینہ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد