Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

   سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي مديني پاڪ جو...!! غور فرمايو! الله ڪريم مدينهءِ طيبه کي مخاطب ڪرڻو هو، ان جي لاءِ ته صرف هڪ ڀيرو یَاطَیْبہ! چوڻ به ڪافي هو، الله پاڪ آهي، ربُ العالَمين آهي، هو هڪ ڀيرو به ڪنهن کي ائين مخاطب فرمائي ته ان جي عظمتن کي چار نه 12 چنڊ لڳي وڃن پر قربان وڃو! هي مدينو آهي، هي محبوب جو شهر آهي، جهڙيءَ طرح رب رحمٰن کي پنهنجي محبوب سان بي مثال محبت آهي. ائين ئي محبوب جو شهر به محبوب آهي، ان ڪري جڏهن مديني پاڪ جي سرزمين کي مخاطب ڪرڻو هو ته صرف هڪ ڀيرو نه پڪاريو بلڪه نالو مَٽائي مَٽائي ڪري فرمايو: یَا طَیْبہ! یَا طَابَہ! یَا مَسْکِینَہ!

 سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن اسان جو رب رحمٰن مديني پاڪ جو ذڪر ايئن پيار سان فرمائي ٿو ته پوءِ عِبادُالله (يعني الله پاڪ جا ٻانها) مديني پاڪ جو ذڪر ڇونه ڪن؟

سب پُکارو! جھوم کر میٹھا مدینہ مرحبا!                                                کر کے خم سب اپنا سَر میٹھا مدینہ مرحبا!

ڈوبا رہتا ہے مدینہ روشنی میں ہر گھڑی                                    شام ہو یا ہو سحر میٹھا مدینہ مرحبا!

عظمتیں ہیں، رفعتیں ہیں، نعمتیں ہیں، برکتیں                             رحمتیں ہیں ہر ڈگر میٹھا مدینہ مرحبا!

اس لئے تو ہم کو پیارا ہے مدینہ رہتے ہیں                 اس میں شاہِ بحر و بَر میٹھا مدینہ مرحبا!

جو مدینے آ گیا، عطّار آ کر مَر گیا                                                                                  وہ بڑا ہے بختور میٹھا مدینہ مرحبا!([1])

غريبن، فقيرن کي  رهائڻ وارا

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ توريت شريف ۾ مديني کي پڪاريو ته فرمايو: یامَسْکِیْنَۃُ!  يعني اي سڪون ۽ قرار واري زمين.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:152، 154 ملتقطاً۔