Book Name:Shehar e Muhabbat
آسمان تي پهچايو ويندو*نه ڇهين آسمان تي*نه سِدْرَۃُ المُنْتہیٰ تي*نه عرشِ اعظم تي بلڪه کيس موجوده جڳھ کان بلند، افضل و اعليٰ جيڪا جڳھ ڏني ويندي، اها منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نوراني روضو آهي. ان مان معلوم ٿي ويو ته جيڪا عظمت، جيڪا بلندي مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نوراني مزار کي حاصل آهي، اهو رتبو، اها بلندي عرش کي به حاصل نه آهي. حضرت علامه ڪاظمي شاھ رحمةُ الله عليه جي هيءَ انوکي دليل ٻڌي ڪري اهو وڏي عهدي وارو حيران ۽ پريشان ٿي ويو.[1]
عرشِ عُلیٰ سے اعلیٰ، میٹھے نبی کا روضہ ہے ہر مکاں سے بالا، میٹھے نبی کا روضہ
کیسا ہے پیارا پیارا یہ سبز سبز گنبد کتنا ہے میٹھا میٹھا، میٹھے نبی کا روضہ
فِردوس کی بُلندی بھی چُھو سکے نہ اس کو خلدِ بریں سے اُونچا، میٹھے نبی کا روضہ
مکّے سے اس لئے بھی اَفضل ہوا مدینہ حصّے میں اس کے آیا، میٹھے نبی کا روضہ
کعبے کی عظمتوں کا منکر نہیں ہوں لیکن کعبے کا بھی ہے کعبہ، میٹھے نبی کا روضہ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! مدينو پاڪ افضل ترين شهر آهي ۽ ڇونه هجي جو هي مصطفيٰ جو شهر آهي، هتي محبوبِ خدا، آخري نبي، مُحمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما آهن.
مدینہ اس لئے عطّار جان و دِل سے ہے پیارا کہ رہتے ہیں مرے آقا، مرے دِلبر مدینے میں([3])