Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

بلڪه هر عاشقِ رسول جي دل مديني جي لاءِ ڌڙڪندي آهي، مدينو محبت جو شهر آهي، هر عاشقِ رسول، هر مسلمان ان سان محبت ڪندو آهي.

وہ شہرِ محبّت جہاں مصطفےٰ ہیں، وہیں گھر بنانے کو جی چاہتا ہے

وہ سونے سے کنکر، وہ چاندی سی مٹی، نظر میں بسانے کو جی چاہتا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

عُلماءِ اهلسنت جي مديني سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! مدينو محبوب شهر آهي، 1400 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، تڏهن کان هاڻي تائين الله پاڪ جو فضل آهي، هر عاشقِ رسول جي دل مديني جي لاءِ ڌڙڪندي آهي. الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام تمام پياري انداز سان مديني جو ادب ڪندا هئا، ڪهڙي انداز سان مديني شريف سان محبت جو اظهار فرمائيندا هئا، اچو! واقعا ٻڌون ٿا:

محدثِ اعظم پاڪستان جي مديني سان محبت 

  حضور مُحدثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ  جن جي مزارشريف پاڪستان، پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عاشقِ رسول هئا ۽ مديني پاڪ سان به تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، سندن محفلِ پاڪ ۾ اڪثر محبوب جي مُلڪ جو تذڪرو ٿيندو رهندو هو. جيڪڏهن ڪو مديني جو مسافر سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته ان کان مديني پاڪ جا حالات پڇندا، مديني پاڪ جي رهائشي عاشقانِ رسول جي خيريت معلوم فرمائيندا ۽ جيڪڏهن ڪو تبرڪ پيش ڪندو هو ته نهايت خوشي سان قبول فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري هڪ حاجي صاحب مديني پاڪ جون کارڪون پيش ڪيون، ان وقت دورهءِ حديث (يعني عالم ڪورس جي آخري درجي جو سبق) جاري هو، مديني پاڪ جون کارڪون موجود طالبن ۾ ورهايون ۽ هڪڙي کارڪ