Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

نيڪ اعمال رسالي جي برڪت

   ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: علائقي جي مسجد ۾ امام صاحب جيڪي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهن، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهو گھر کڻي آيو ۽ پڙھيائين ته حيران رهجي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي، بس نيڪ اعمال رسالو ان جي زندگي ۾ انقلاب آندو ان جي برڪت سان الحمد لله! ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿي ويو ۽ هاڻي 5 وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي آهي ۽ نيڪ اعمال جو رسالو به ڀرين ٿا.

نیک اعمال کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی          یاالہٰی! خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T  ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida). هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريندا.