Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

  يعني مدينو پاڪ اهو چمن آهي، اهو باغ آهي جتي حضرت جبريلِ اَمين عَلَيه السَّلَام سالن جا سال ائين حاضر ٿيندا هئا جيئن بُلبل عشق ۾ گُل جي ويجهو ويندي ۽ ٻولندي آهي.

 منقول آهي ته حضرت جبريلِ اَمين عَلَيه السَّلَام 23 سالن ۾24 هزار ڀيرا بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا آهن،[1] انهن مان 10 سال مديني پاڪ جي حاضري جا آهن.

 يعني جيڪڏهن اوسط ڪڍون ته روزانو گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام جي حاضري ٿي، تڏهن 23 سالن ۾ 24 هزار حاضريون ٿين ٿيون پر ڪڏهن ڪڏهن حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام 3 ڀيرا کان گهٽ حاضر ٿيندا، ڪڏهن غير حاضر رهندا هئا ۽ ڪڏهن 3 کان وڌيڪ ڀيرا حاضري ٿيندي هئي.

بےلقائے یار اُن کو چین آجاتا اگر       بار بار آتے نہ یُوں جبریل سِدْرَہ چھوڑ کر([2])

وضاحت: سيّد عالم نورِ مجسم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ سان ملاقات ڪرڻ بغير جيڪڏهن جبريلِ اَمين عَلَيه السَّلَام کي چين ۽ سڪون ملندو هجي ها ته پاڻ باربار سدره ڇڏي ڪري بارگاھ رسالت ۾ حاضر نه ٿيندا رهن ها.

 سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! هي آهي اسان جو مدينو...!! جتي ملائڪن جي حاضري ٿيندي آهي، جتي ملائڪن جا سردار حضرت جبريل امين عَلَيه السَّلَام باربار حاضر ٿيندا رهيا آهن ته اسان پنهنجي آقا جا غلام، پنهنجي ڪريم داتا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ  جا سوالي ڀلا اهڙي حاضري جي لاءِ ڇونه تڙپنداسين؟ اسان مديني پاڪ سان ڇونه محبت ڪنداسين...!! الحمدلله! مدينو الله پاڪ جو به محبوب شهر آهي، ملائڪن جو به محبوب شهر آهي، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ  جو به محبوب شهر آهي، صحابهءِ ڪرام جو به محبوب شهر آهي، اولياءِ ڪرام جو به محبوب شهر آهي، عُلماءِ ڪرام جو به محبوب شهر آهي


 

 



[1]...مواہب اللدنیہ، دقائق حقائق بعثتہ، جلد:1، صفحہ:112بتصرف۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:133۔