Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه  ُعَلٰي مُحَمَّد

گُستاخ جو منهن ڪارو ٿي ويو

حضرت سعيد بن مسيب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بُزرگ آهن يعني سندن صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي زيارت ۽ صحبت ماڻي آهي، نهايت نيڪ، عبادت گذار ۽ وليء ڪامل هئا. حضرت علي بن زيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون کي سعادت ملي، مان حضرت سعيد بن مُسَيّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ شخص جي طرف اشارو ڪندي فرمايو: اي علي بن زيد! هن شخص جو چهرو ته ڏسو...!! مون اڳتي وڌي ڏٺو ته ان شخص جو چهرو بلڪل ڪارو ٿي چڪو هو. مون (خدا جي خوف کان چيو:) حَسْبِیْ (يعني مون کي الله ڪافي آهي). حضرت سعيد بن مُسَيّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جو راز ٻڌائيندي فرمايو: هي شخص مسلمانن جي ٽئين ۽ چوٿين خليفي حضرت عثمان ۽ علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُما جي گستاخي ڪندو هو، مون ان کي منع ڪيو پر هي باز نه آيو. پوءِ مون دعا ڪئي: ياالله پاڪ! (جيڪڏهن) ان بدبخت جي گستاخي توکي ناراض ڪري ٿي ته مون کي ان ۾ ڪا نشاني ڏيکار.  سو تڏهن ان جو منهن ڪاري ٿي ويو. (ریاض النضرۃ۹۔)

دو جہاں میں دشمنِ عثماں ذلیل و خوار ہے                                                      بعد مرنے کے عذابِ نار کا حقدار ہے([1])


 

 



[1]...کراماتِ عثمان غنی، صفحہ:3۔