Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

(1) عثمان غني مضبوط ايمان وارا آهن

حضرت ثابت بن عبدُالله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: اي اميرالمؤمنين! مان مديني شريف واپس وڃي رهيو آهيان، اُتان جا ماڻهو مون سان حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ پڇي رهيا هئا، انهن کي ڇا جواب ڏيان؟ فرمايائون: انهن کي ٻڌايو ته هي آيتِ ڪريمه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي مڪمل صادق اچي ٿي. (آيت ڪهڙي آهي؟ سيپارو: 7، سورت مائده جي هي آيت): ([1])

اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوۡا وَّ اٰمَنُوۡا ثُمَّ اتَّقَوۡا وَّ اَحۡسَنُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ (۹۳)

(پارہ:7، المائدہ:93)

ترجموڪنزالعرفان: ايمان رکن ۽ چڱا عمل ڪن پوءِ ڊڄن ۽ ايمان رکن وري ڊڄن ۽ نيڪيون ڪن ۽ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي.

يعني اي سوال ڪرڻ وارا: جڏهن توهان مديني پهچو ته اُتي جي ماڻهن کي ٻڌائجو ته عثمان اهي عظيم الشان آهن * جن ايمان قبول ڪيو * نيڪ اعمال ڪيا * سڄي زندگي ايمان تي ثابت قدم رهيا * سڄي زندگي تقوا اپنائيندا رهيا * الله پاڪ کان ڊڄندا رهيا * سندن اهڙا نيڪوڪار آهن جن سان الله پاڪ محبت فرمائي ٿو:

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه  ايمان ۽ تقوا تي هميشه ثابت قدم رهڻ وارا خوش نصيب آهن.

مان دينِ اسلام کي هرگز نه ڇڏيندس

ڪتابن ۾ لکيل آهي: جڏهن حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايمان قبول ڪيو ته سندن چاچي حَڪم بن اَبي عاص کيس رسين سان ٻڌي ڪري چيو: جيستائين


 

 



[1]...تفسیر درمنثور، پارہ:7، سورۂ مائدہ، زیر آیت:93،جلد:3، صفحہ:174۔