Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

مدني ڪورسز به آهي.

اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي تحت ڪيئي شارٽ ڪورس ڪرايا ويندا آهن مثلاً * 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس * 7 ڏينهن جو 12 ديني ڪمن جو ڪورس * 7 ڏينهن جو اصلاحِ اعمال ڪورس وغيرها. * هن ديني ڪم ۾ شرڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. * دين سکنداسين ته الله پاڪ راضي ٿيندو. * رزق ۾ برڪت ٿيندي، * علمِ دين جو خزانو ملندو. * نيڪين جو ذهن بڻجندو. * الله پاڪ جي عبادت صحيح انداز سان ڪري سگهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو. * پوءِ ديني ماحول به ملندو. * نيڪ ماڻهن جي صحبت به نصيب ٿيندي، ان جون پنهنجون برڪتون آهن.

بگڙيل پٽ نيڪ ٿي ويو

هڪ اسلامي ڀاءَ جي بيان جو خلاصو آهي: اسان جي علائقي جو هڪ نوجوان جيڪو والدين جو اڪيلو پٽ هو، خراب صحبت جي ڪري چرس جو عادي ٿي ويو، گهر کان ٻاهر رهڻ سندس معمول هو، جنهن ڪري سندس والدين ڏاڍا پريشان هئا. هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ ان نوجوان کي سمجهائيندي ان کي 63 ڏينهن جي مدني تربيت ڪورس ڪرڻ جي ترغيب ڏني. خوش قسمتي سان ان قبولي ورتي ۽ تربيت واري ڪورس ۾ شامل ٿي ويو۔

الحمدللہ! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان نوجوان جو پنهنجي گهر فون آيو ته تربيت واري ڪورس ۾ وڏو لطف اچي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ته مون پنهنجي سڀني گناهن کان توبه ڪري ورتي آهي، هاڻي مان جماعت سان نمازون ادا ڪري رهيو آهيان، سنتون سکي رهيو آهيان