Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ الله ربّ العزت جي بارگاھ ۾ ڪيترو بلند مقام رکن ٿا، سندن گستاخي ربّ قادر ۽ قَيُّوم کي بلڪل پسند ناهي، هي ضروري ناهي ته حضرت عثمان غني جي گستاخ جي دنياوي سزا سڀني تي ظاهر ٿئي، البته اهو طئي آهي ته جيڪو حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ يا صحابهءِ ڪرام
رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو گستاخ آهي ۽ بغير توبه ڪرڻ جي انهي حالت ۾ مري وڃي ٿو، ته آّخرت ۾ سخت سزا جو حقدار آهي.  

 صحابه جي برائي ڪرڻ جو انجام

حضرت حسن رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو شخص دنيا مان هن حالت ۾ ويو ته اهو اڳين( صحابه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم ۽ تابعينِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم) کي برو چوندو هو ته الله پاڪ ان تي هڪ جانور مسلّط ڪري ڇڏيندو، جيڪو ان جو گوشت پَٽيندو ۽ اهو ان جو درد قيامت تائين محسوس ڪندو. ([1])

 اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ! پيارا اسلامي ڀائرو! معاذالله! صحابه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم کي برو  چوڻ ڪيتري قدر سخت گناهه آهي جو الله پاڪ ان گناهه جي سبب قيامت تائين جي لاءِ عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. ياد رکو! صحابه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم  کي برو چوڻ تمام وڏو سخت گناهه ۽ پنهنجي قبر کي جهنم جو کڏو بڻائڻ ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. هي اهي مبارڪ هستيون آهن، جن جي باري ۾ اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَصْحَابِيْ کَالنُّجُوْمِ بِاَيِّہِمُ اقْتَدَيْتُمْ اِہْتَدَيْتُم يعني منهنجا صحابه تارن جيان آهن ته توهان انهن


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب القبور، جلد:6، صفحہ:84، حدیث:130۔