Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه  جون 3 خوبيون بيان ٿيون آهن (1) حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه رات جو ڪثرت سان سجدا ڪرڻ وارا، نمازون پڙهڻ وارا هئا (2) حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه آخرت کان گهڻو ڊڄڻ وارا هئا (3) حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه  الله پاڪ جي رحمت مان تمام گهڻي اُمِّيد رکڻ وارا هئا.

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زوجه محترمه فرمائن ٿيون: پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ هڪ رڪعت ۾ پوري قرآن جي تلاوت ڪندا هئا. [1]

حضرت زُبَير بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اَميرالمُؤمنين حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه هميشه روزا رکندا هئا، رات جو ڪجھ دير آرام ڪندا هئا، پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، [2]

حضرت عبدالرحمٰن تيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هڪ رات مان ڪعبي شريف جي ويجهو هيس، مون عشاء جي نماز پڙهي، پوءِ مقامِ ابراهيم وٽ بيهي رهيس، ايتري ۾ اَميرالمؤمنين حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه تشريف کڻي آيا، سندن سورت فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ۽ تلاوت ڪندا ويا، ڪندا ويا، ايستائين جو سڄو قرآنِ ڪريم مڪمل ختم ڪري ڇڏيو[3].

ڪاش! امير المؤمنين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي قرآنِ ڪريم جي محبت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به ڏينهن رات قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا پيارا پيارا اخلاق ٻُڌا * پاڻ مضبوط ايمان وارا هئا، سڄي زندگي تقوا اختيار ڪئي * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بي قرار رهڻ وارا هئا * دنيا


 

 



[1] الزہد امام احمد، زُہد:عثمان بن عفان، صفحہ:105، حدیث:673

[2] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب:صلاۃ التطوع، باب :بقیام اللیل، جلد:2، صفحہ:173، حدیث:6۔

[3] زُہد لابن المبارک، باب:فضل ذکر اللہ، صفحہ:452، حدیث:1276خلاصۃً۔