Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq
فاطمہ اور علی! جنّتی جنّتی ہیں حسن حسین بھی! جنّتی جنّتی
والدینِ نبی! جنّتی جنّتی ہر زوجۂ نبی! جنّتی جنّتی
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی جنّتی ہیں معاویہ بھی! جنّتی جنّتی([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابي رسول آهن، * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پڦي جان حضرت اُمِّ حڪيم جا ڏوهٽا آهن يا ايئن کڻي چئو ته هڪ طرح جي رشتي جي اعتبار سان مالڪ جنت، قاسم نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڀاڻيجا آهن، * سابقين اَوَّلين مان آهن يعني ابتدائي ۾ اسلام قبول ڪري دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿي ويا هئا، اسلام قبول ڪرڻ ۾ سندن چوٿون يا پنجون نمبر آهي. * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه عشرۂ مبشره (يعني انهن 10 صحابي سڳورن رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم مان آهن جن کي رسول اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ئي ۾ خصوصيت سان جنّت جي بشارت ڏني هئي) * سرڪار اعظم، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان ايترو ته پيار هو جو پاڻ سڳورن پنهنجي 2 شهزادين جو هڪ هڪ ڪري حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان نڪاح ڪرايو.)[2]( اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا: