Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

هاڻي اُن شخص سودو ته ڪري ورتو پر پئسا نه ورتا. ڪافي ڏينهن گذري ويا، سو حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ ان وٽ تشريف کڻي ويا، فرمايائون:  زمين جي قيمت ڇو نٿا وٺو؟ ان عرض ڪيو: سائين! مون کي ته ڌوڪو ٿي ويو آهي، ماڻهو مون کي ملامت ڪن ٿا(مثال طور چون ٿا ته تو تمام سستي زمين وڪڻي ڇڏي آهي). حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: ڇا! انهيءَ ڪري سودو مڪمل نه پيا ڪيو. چيائين: جي ها. فرمايائون: توهان کي زمين ۽ مال ۾ اختيار آهي، چاهيو ته سودو ختم ڪيو! چاهيو ته رقم واپس وٺو. مون رسول الله     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو آهي: اَدْخَلَ اللہُ الْجَنَّۃَ رَجُلًا کَانَ سَہْلًا مُشْتَرِیًّا وَ بَائِعًا يعني الله پاڪ اُن ٻانهي کي جنّت ۾ داخل فرمائيندو آهي جيڪو آسان خريدار ۽ آسان وڪڻڻ وارو هجي. ([1])   

قيامت جي ڏينهن مُعافي ماڻڻ جو  نسخو

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، جيڪو ٻانهو خريدو فروخت ۾ ضدي نه هجي، آسان معاملو ڪرڻ وارو هجي، اهو جنت جو حقدار آهي ۽ اَلحَمۡدُلله! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه خريد و فروخت ۾ آساني فرمائڻ وارا هئا. اسان کي به هي وصف اپنائڻ گهرجي، اسان مان تقريباً هر شخص ڪجھ نه ڪجھ خريد ڪندو يا وڪڻندو ئي آهي. اسان کي گهرجي ته آسان معاملو ڪيون، ڪجھ ماڻهو ضدي مزاج جا هوندا آهن، خريداري ڪرڻي هجي ته اٽڪي پوندا آهن، قيمت گهٽ ڪرائڻ ۾ تمام گهڻو بحث ڪندا آهن، هڪ حد تائين سهي آهي بلڪ قيمت گهٽ ڪرائڻ کي سُنت به چيو ويو آهي پر اُن تي ضد ڪري ويهي رهڻ، هي مُروَّت جي خلاف آهي، انهيءَ طرح ڪجھ دڪاندار ضدي قسم جا هوندا آهن، لکي ڪري لڳائي ڇڏيندا آهن: خريد ڪيل سامان جي واپسي نه ٿيندي. اُن ۾ ڪجھ گنجائش رکڻ گهرجي. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، مالڪِ


 

 



[1]...  نسائی،کتاب البیوع، حسن المعاملۃ والرفق فی المطالبۃ، صفحہ:754، حدیث:4705 ۔