Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عنہ کان مروي آهي، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: 3 ڳالهيون جنهن شخص ۾ هونديون الله پاڪ(قيامت جي ڏينهن) ان جو حساب تمام آسان طريقي سان وٺندو ۽ ان کي پنهنجي رحمت سان جنت ۾ داخل فرمائيندو. صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: يارسول الله! اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟ فرمايائون: (1) جيڪو توهان کي محروم ڪري توهان ان کي عطا ڪيو ۽ (2) جيڪو توهان کان تعلُّق ٽوڙي توهان ان کان تعلق جوڙيو ۽ (3) جيڪو توهان تي ظلم ڪري توهان اُن کي مُعاف ڪيو. ([1])

 

جنّت جو محل

حضرت اُبَي بن ڪعب رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن کي اهو پسند هجي ته اُن جي لاءِ(جنت ۾) محل بڻايو وڃي ۽ اُن جا درجا بلند ڪيا وڃن، اُن کي گهرجي ته جيڪو اُن تي ظلم ڪري هي اُن کي مُعاف ڪري ۽ جيڪو اُن کي محروم ڪري هي اُن کي عطا ڪري ۽ جيڪو اُن کان تعلق ٽوڙي هي ان کان تعلق جوڙي. ([2])

ہم نے خطا میں نہ کی تم نے عطا میں نہ کی

کوئی کمی سروَرا تم پہ کروڑوں دُرود

 بهترين واپاري

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پياري اخلاق مان هي به آهي ته سندن معاملن ۾ آساني فرمائڻ وارا هئا. مسندِ امام احمد ۾ روايت آهي: هڪ ڀيرو حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ شخص کان زمين خريد ڪئي،


 

 



[1]... معجم اوسط، باب المیم، من اسمہ محمد، جلد:4، صفحہ:18، حدیث:5064۔

[2]...  (اَلْمُستَدرَک لِلْحاکِم ج۳ ص۱۲ حدیث ۳۲۱۵ دارالمعرفۃ بیروت ))۔