Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

کان بي رغبتي رکڻ وارا هئا * مُعاف فرمائڻ وارا هئا * بهترين تاجر هئا، خريد و فروخت ۾ آسان معاملو فرمائڻ وارا هئا * نيڪ هئا، عبادت گذار هئا * ڪثرت سان نفل پڙهڻ وارا * تلاوتِ قرآنِ مجيد ڪرڻ وارا هئا.

ان کان علاوه به سندن کوڙ سارا پيارا پيارا اخلاق آهن، الله پاڪ اسان کي به اهڙا پاڪيزه اخلاق اپنائڻ جي توفيق نصيب فرمائي. 18 ذوالحج يومِ عثمان غني آهي. هن ڏينهن تي گهرن ۾، دڪانن تي، دفترن وغيره ۾ سندن لاءِ ايصال ثواب جو اهتمام ڪيو! شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو نهايت ئي پيارو رسالو آهي: ڪراماتِ عثمان غني. هي رسالو مڪتبة المدينه تان طلب فرمايو! يا دعوت اسلامي جي ويب سائٽ  www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به پڙهو! گهر وارن کي به پڙهي ٻڌايو! يومِ عثمانِ غني جي موقعي تي هن رسالي جو درس ڏيو! دوست احباب کي به پڙهڻ جو ذهن ڏيو! ممڪن هجي ته هي رسالو تقسيم ڪري ثواب ڪمايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فيضانِ عثمانِ غني نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.


 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني ڪورس

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي علمِ دين جو نور ورهائڻ واري تحريڪ آهي. جيڪا علمِ دين کي عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. دعوت اسلامي جي اها ڪوشش آهي ته مسلمان گهٽ ۾ گهٽ فرض علمِ دين جيئن وضو، غُسل، نماز، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا سکي وٺن. اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم