Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

جي واپس وڃڻ کان پوءِ مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا والدِ محترم آيا، اوهان اهڙي طرح اهتمام نه فرمايو، عمر حاضر ٿيا، اوهان پوءِ به اهڙي ئي طرح تشريف فرما رهيا، جڏهن عثمان آيا ته اوهان ڀيڏي مبارڪ ڍڪي ڇڏي، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلَا اَسْتَحْیِیْ مِنْ رَجُلٍ تَسْتَحْیِ مِنْہُ الْمَلَائِکَۃُ ڇا مان ان شخص کان حياء نه ڪيان! جنهن کان ملائڪ به حياء ڪن ٿا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه...!! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  ايترا ته باحياء هئا جو ملائڪ به کائنس حياء ڪندا هئا.

     الله پاڪ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي اسان کي به حياء جي دولت نصيب فرمائي. 

ڀلائي چار شين ۾ آهي

مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: ڀلائي چار شين ۾ آهي: (1) نفلَ پڙهي ڪري الله پاڪ کان محبت جو اظهار ڪرڻ ۾(2) الله پاڪ جي احڪامن تي صبر کان ڪم وٺڻ ۾ (3) الله پاڪ جي تقدير تي راضي رهڻ ۾(4) ۽ الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، تنهنڪري ان کان حياء ڪرڻ ۾. ([2])

اسلام جو خُلق حيا  آهي

ابن ماجه جي حديث پاڪ ۾ آهي: بيشڪ هر دين جو هڪ خُلق آهي ۽ اسلام جو خلق حياء آهي.([3]) يعني هر امت جي ڪا نه ڪا خاص خصلت ۽ عادت هوندي آهي جيڪا ٻين خصلتن تي غالب ٿيندي آهي ۽ اسلام جي اها خصلت حياء آهي.


 

 



[1]... ((ریاض النضرہ) ۔

[2]...اللمع فی تاریخ التصوف الاسلام،باب فی ذکر عثمان رَضِیَ اللہُ عنہ،   صفحہ:178۔

[3]...ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الحیاء، صفحہ:679، حدیث:4181۔