Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

جنت رسول رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن شخص ڪنهن مسلمان کان اِقاله ڪيو (يعني مسلمان کان وڪرو ٿيل سامان واپس ورتو)، قيامت جي ڏينهن الله پاڪ ان جي غلطي کي مُعاف ڪندو. ([1])  

 خريد و فروخت وغيره ڪندي وقت ٻن شخصن جي وچ ۾ جيڪو عقد (يعني پاڻ ۾ سودو طئي) ٿيندو آهي، ان کي ختم ڪرڻ کي اِقاله چئبو آهي. شريعت ان جا باقاعده قاعدا ۽ قانون رکيا آهن، جيڪي به ڪا شيءِ خريد ڪن يا وڪرو ڪن تن کي ان جا احڪام سکڻ گهرجن، ان جي لاءِ بهارِ شريعت جو يارهون حصو پڙهي وٺو! ۽ مدني چينل تي هلڻ وارو سلسلو ”تجارت جا احڪام“ ڏسو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساري ديني معلومات حاصل ٿيندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

  صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                      صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قرآن ڪريم جي محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! سيپارو 23، سورت زُمَر، آيت:9 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَمَّنۡ ہُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ  الَّیۡلِ سَاجِدًا وَّ قَآئِمًا یَّحۡذَرُ الۡاٰخِرَۃَ  وَ یَرۡجُوۡا رَحۡمَۃَ  رَبِّہٖ ؕ

(پارہ23،الزمر:9)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا اهو شخص جيڪو سجدي ۽ قيام جي حالت ۾ رات جون گهڙيون فرمانبرداري  ۾ گذاري ٿو، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جي اميد لڳائي رکي ٿو.

هڪ قول جي مطابق هي آيت سڳوري مسلمانن جي ٽئين خليفي اَميرالمؤمنين حضرت عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۾ نازل ٿي.[2] ۽ هن آيت ۾


 

 



[1]...  ابن ماجہ،کتاب التجارات،باب الاقالۃ، صفحہ:352، حدیث:2199۔

[2] صِراطُ الجنان، پارہ:23، الزمر، تحت الآیہ:9، جلد:8، صفحہ:438-439ماخوذاً۔