Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

صفحا آهن ۽ ان ۾ ڪفريا ڪلمات جي باري ۾ اهڙي ته معلومات آهي جو جيڪو پڙهندو آهي اهو ئي ڄاڻندو آهي. اَڄ ئي مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي هي ڪتاب طلب فرمايو، چاهيو ته دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net  تان ڊائون لوڊ ڪري وٺو. پاڻ به پڙهو! ٻين کي به هن ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2) عثمان غني حيا وارا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيارن پيارن اخلاقن مان هڪ پيارو اخلاق حيا به آهي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اُمَّت مان سڀني کان وڌيڪ حيادار آهن. جي ها! حديثِ پاڪ ۾ آهي:  حيا ايمان مان آهي ۽ عثمان رَضِىَ اللهُ عَنْه منهنجي اُمَّت ۾ سڀني کان وڌيڪ حيا ڪرڻ وارا آهن. ([1])

یا الٰہی! دے ہمیں بھی، دولتِ شرم و حیا                                                              حضرتِ عثماں غنی، با حیا کے واسِطے

ملائڪ  انهن کان حيا ڪندا آهن

مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه طيّبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: هڪ ڀيرو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما هئا، سندن ڀيڏي مبارڪ تان ڪپڙو هٽيل هو، ان دوران حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه حاضر ٿيا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهيءَ طرح  تشريف فرما رهيا،  پوءِ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه حاضر ٿيا، پاڻ انهيءَ طرح تشريف فرما رهيا، پوءِ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه حاضر ٿيا ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ڀيڏي مبارڪ کي ڍڪي ڇڏيو، سيّده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: انهن


 

 



[1]... (اَ لْجامِعُ الصَّغِیر لِلسُّیُوْطِی ص۲۳۵حدیث ۳۸۶۹دار الکتب العلمیۃ بیروت)۔