Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِي اللّٰہُ عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِي اللّٰہُ عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي. ([1])

)6( دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. ([2])

)1( هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ عباس رَضِى الله عَنْهما کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([3])

)2( ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي

لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم


 

 



[1]...قَوْلُ البَدِیْع،  باب اَوَّل،  صفحہ:125۔

[2]...الترغیب والترہیب، کِتَابُ الذِّکْر والدُّعَا، جلد:2، صفحہ:329، حدیث:30۔

[3]...مَجْمَعُ  الزَّوائِد، کِتَابُ الْاَدْعِیَہ، جلد:10، صفحہ:254، حدیث:17305۔