Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

ڪيو * خاموشي جي عادت بڻايو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتريون پياريون پياريون نصيحتون آهن، مڪتبة المدينه جو رسالو آهي: سُنّت نڪاح. هن رسالي ۾ اهڙي طرح جون ٻيون به کوڙ نصيحتون موجود آهن، مشورو آهي ته هي رسالو اوهان پاڻ به ضرور پڙهو! ۽ جيڪڏهن شادي شده اولاد آهي ته انهن کي به لازمي پڙهايو! اِنْ شَآءَ اللہُ! گهر اَمن جو گهوارو بڻجي ويندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

(2) عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْه  جا پيارا  اخلاق

پيارا اسلامي ڀائرو!اسان حديث شريف ٻُڌي، پياري آقا، مڪي مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان بيان ڪندي فرمايو: اِنَّہٗ مِنْ  اَشْبَہِ اَصْحَابِیْ بِیْ خُلُقًا بيشڪ عثمان اخلاق ۾ مون سان مشابهت رکڻ وارا صحابي آهن.

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري پياري فضيلت آهي.....!! عظيم اخلاق وارا رسول، رسولِ مَقۡبُول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اخلاق ڪهڙا آهن؟ الله پاڪ فرمايو:

وَ  اِنَّکَ لَعَلٰی خُلُقٍ عَظِیۡمٍ (۴)

(پارہ:29، القلم:4)

ترجموڪنزالايمان: ۽ بيشڪ تون نهايت عظيم اخلاق جو مالڪ آهين.

سُبْحٰنَ اللہ! هي عظيم اخلاق جيڪي ربّ ڪريم پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا فرمايا آهن، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن پاڪيزه اخلاق مان تمام وڏو حصّو ماڻڻ وارا صحابي آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا پيارا وصف ۽ پاڪيزه اخلاق ڪهڙا هئا؟ اچو! ڪجھ ٻڌون ٿا:


 

 



[1]...تذکرہ امیر اہلسنّت قسط:3،  سنّت نکاح ، صفحہ:62، 63 ملتقطاً بتصرف۔