Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

امير اهل سُنت جي پنهنجي شهزاديءَ کي نصيحت

اَلحَمۡدُلله! عاشقِ سُنت امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ، نُورِخُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَدائن کي اپنائڻ وارا آهن، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي شهزادي کي جيڪي نصيحتون فرمايون، انهن مان ڪجھ نصيحتون هي به آهن، فرمايائون: (1) مڙس جي طرفان ملڻ وارو هر حڪم جيڪو شريعت جي خلاف نه هجي، بجا آڻڻ ضروري آهي. (2) پنهنجي مڙس ۽ سَس جو بيهي ڪري استقبال ڪيو ۽ بيهي ڪري ئي رخصت به ڪيو. (3) پنهنجي لاءِ ڪنهن قسم جو سُوال پنهنجي مڙس کان ڪري ان تي بوجھ نه ٿئجانءِ. ها جيڪڏهن هُو مقرر ڪيل حق ادا نه ڪري ته گُهري سگهو ٿيون. ([1])

امير اهل سُنت جون گهوٽ ڪنوار کي نصيحتون

ان سان گڏو گڏ امير اهلسنت گهوٽ ڪنوار کي به پنهنجي پياري پياري نصيحتن سان نوازيو آهي جيڪي يقيناً خوشگوار ازدواجي زندگي لاءِ تمام ضروري آهن، جيئن گهوٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو: * زال جي بري اخلاق تي صبر ڪيو * اهل و عيال کي ضروري علمِ دين سيکاريو. * زال کي بي پردگي کان بچايو * نرمي اختيار ڪيو * سَس نُنهن جي جهڳڙي ۾ انصاف سان ڪم وٺو ([2])

ڪنوار کي نصيحت ڪندي فرمايو: سَس ۽ نڻان سان نه الجهو * سَس کي پنهنجي ماءُ تصور ڪيو * ڪنهن قسم جي بدسلوڪي تي صبر سان، حڪمتِ عملي سان ان جو حل ڪيو * نرمي اختيار ڪيو * ڪنهن جي ڪاوڙ ٻارن تي نه ڪڍو * ساهُرن جي حق ۾ دعا ڪنديون رهو * شرعي پردي جو اهتمام


 

 



[1]... صحابیات اور نصیحتوں کے مدنی پھول، صفحہ:116و 117 خلاصۃً۔

[2]...تذکرہ امیر اہلسنّت قسط:3،  سنّت نکاح ، صفحہ:53 تا57 ملتقطاً بتصرف۔