Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

نڪري وڃي، الله ۽ رسول کي راضي ڪرڻ، جنت ماڻڻ ۽ قبر روشڻ ڪرائڻ جو شوق اسان کي نصيب ٿي وڃي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه معاف ڪرڻ وار اآهن

اسان جي پياري نبي، رسول هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪيزه اخلاق مان تمام پيارو خلق آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام گهڻو معاف فرمائڻ وارا هئا، دشمنن کي به دعائن سان نوازيندا هئا، شاعر چئي ٿو:

سلام اُس پر کہ جس نے خُوں کے پیاسوں کو قبائیں دیں

سلام اُس پر کہ جس نے گالیاں سُن کر دُعائیں دِیں

وضاحت: يعني اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهي عظيم اخلاق وارا آهن جيڪي سندن رت جي اُڃارن کي به نوازيندا هئا، جيڪي سندن باري ۾ غلط ڳالهائيندا هئا انهن کي به دعائون ڏيندا هئا، ايتري عظيم نبي، اهڙي بي مثال رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي سلام هجي...!!

اَلحَمۡدُلله! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ جن کي به ان پياري خُلق جو حصّو نصيب ٿيو هو. حضرت عمران بن عبدالله رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ صبح جي وقت مسجد ۾ آيا، ان ئي دروازي کان داخل ٿيا جنهن مان پاڻ ھر روز مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا، اُن ڏينهن به انهي دروازي کان داخل ٿيا، جڏهن دروازو کوليائون ته محسوس ٿيو ته ان جي پٺيان ڪو آهي، ڪنهن کي فرمايائون: ڏسو! هتي ڇا آهي؟ 2، 4 ماڻهو اٿيا، ڏٺائون ته هڪ شخص هو جنهن جي هٿ ۾ ننگي تلوار هئي، ان کي حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو، پاڻ پڇيائون: توهان ڇا ٿا چاهيو...؟ چيائين: مان اوهان