Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه چڱي اخلاق وارا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! صحابيءِ رسول حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه نهايت بلند رتبي وارا آهن، سندن بلند شان مان هڪ شان هي به آهي ته رسول اڪرم، نور مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اخلاق جيان اعليٰ اخلاق وارو فرمايو آهي. صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي: شهزاديءِ مصطفيٰ حضرت رُقَيّه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جيڪا حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زوجه محترمه آهي، هڪ ڏينهن سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سندن گهر تشريف کڻي ويا، پياري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي شهزادي کي فرمايو: ڌيءَ! تو اَبُوعبدالله(يعني عثمان غني) کي ڪيئن ڏٺو؟ عرض ڪيائون: هو بهترين انسان آهن. فرمايائون: اَکْرِمِیْہِ فَاِنَّہٗ مِنْ اَشْبَہِ اَصْحَابِیْ بِیْ خُلُقًا يعني ڌيءَ! عثمان جي عزّت ڪيو! بيشڪ هو اخلاق ۾ مون سان مشابھت رکڻ وارا صحابي آهن. ([1])

ڌيئرن کي مڙس جي عزت ڪرڻ سيکاريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ مان اسان کي 2 ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون: (1) پهرين ڳالھ ته هي ڏسو! ته سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي صاحبزادي کي مڙس جي عزّت ڪرڻ سيکاري، فرمايائون: اَکْرِمِیْہِ ڌيءَ! پنهنجي مڙس(عثمان غني) جي عزت ڪنديون ڪيو!

هن مان خبر پئي ته جيڪي ڌيئرن وارا آهن ۽ ڌيئرون الله پاڪ جي ڪرم سان پنهنجي گهرن جون ٿي چڪيون آهن، انهن کي گهرجي ته پنهنجي ڌيئرن کي مڙس جي عزت ڪرڻ سيکارين، انهن کي تلقين ڪن، انهن کي مڙس جي اهميت ۽ فضيلت ٻڌائين. اسلام ۾ مڙس جا کوڙ حق رکيا ويا آهن، سرڪار


 

 



[1]... معجم الکبیر، صفۃ عثمان بن عفان رَضِیَ اللہُ عنہ، جلد:1 صفحہ:42، حدیث:97 ۔