Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq
کي قتل ڪرڻ چاهيان ٿو. فرمايائون: ڇا جي ڪري؟ چوڻ لڳو: جنهن شخص کي اوهان يمن جو گورنر بڻايو آهي، ان مون تي ظلم ڪيو آهي(ڇوته اهو اوهان جو ئي مقرر ڪيل آهي، تنهنڪري مون کي اوهان تي ڪاوڙ هئي). پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه نهايت پيار سان فرمايائون: پوءِ توهان کي ته ان گورنر جي مون وٽ شڪايت ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن مان انصاف نه ڪيان ها ته پوءِ توهان مون تي ڪاوڙ ڪيو ها(پر تو ته پهريان ئي قتل ڪرڻ جو اِرادو بڻائي ورتو؟). پوءِ پاڻ آسپاس جي ماڻهن کي فرمايائون: توهان ڇا ٿا چئو؟ هن شخص سان ڪهڙو معاملو ڪيو وڃي؟ سڀني چيو: اي اميرالمؤمنين! هي اوهان جو دشمن آهي، الله پاڪ اوهان کي اُن تي قابو ڏنو آهي(يعني هن کي سخت سزا ڏني وڃي!) پر قربان وڃو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ دشمنن کي به معاف فرمائڻ وارا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: هن گناھ ڪرڻ جو اِرادو ڪيو هو پر الله پاڪ مون کي ان کان بچائي ورتو. هي چئي ڪري سندن ان شخص کي مُعاف فرمائي ڇڏيو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي...!! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي جاني دشمن کي معاف ڪري رهيا آهن. افسوس! اسان وٽ ماڻهو ننڍين ننڍين غلطين کي به معاف ناهن ڪندا، ڳالهه ڳالهه تي ضد ڪندا آهن، ڪاوڙ ڏيکاريندا آهن، دل ۾ دشمني رکندا آهن، بلڪ سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جو رواج آهي، يعني سامهون وارو جيڪا تڪليف پهچائي، اسان ان کان وڌيڪ گهڻي تڪليف ڏيندا آهيون. ڪاش! اسان کي سمجهه اچي وڃي، معاف ڪرڻ الله پاڪ جي سنت آهي، امامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنت آهي، ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو طريقو آهي. جيڪو معاف ڪندو آهي، اهو معافي ماڻيندو آهي.
[1]... تاریخ مدینہ منورہ لابن شیبۃ، جز:3، القسم الثالث عثمان بن عفان رَضِیَ اللہُ عنہ، صفحہ:1027و1028۔