Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

حياءجو ماحول سان تعلق

پيارا اسلامي ڀائرو! حياء جي نشونماء ۾ ماحول ۽ تربيت جو تمام گهڻو عمل دخل هوندو آهي. حيادار ماحول ملڻ جي صورت ۾ حياء ويتر وڌندي آهي جڏهن ته بي حياء ماڻهن جي صحبت دل ۽ نگاھ جي پاڪيزگي کسي بي شرم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ٻانهو بيشمار غير اخلاقي ۽ ناجائز ڪمن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي انهيءَ ڪري جو حياء ئي ته هئي جيڪا برائين ۽ گناهن کان روڪيندي هئي. جڏهن حياء ئي نه رهي ته هاڻي برائي ڪير روڪي؟ ڪيئي ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي بدنامي جي خوف سبب شرمائي برائيون ناهن ڪندا پر جن کي نيڪ نامي ۽ بدنامي جي پرواھ ناهي هوندي اهڙا بي حياء ماڻهو هر گناھ ڪري ويهندا، اخلاقيات جون حدون اورانگهي بداخلاقي جي ميدان ۾ لهي پوندا آهن ۽ انسانيت کان به ڪريل ڪم ڪرڻ ۾ به شرم محسوس ناهن ڪندا.

اي عاشقانِ رسول! حياء جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو بهترين رسالو باحياء نوجوان مڪتبة المدينه تان حاصل ڪري پڙهو! ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو اِنْ شَآءَ اللہُ! حياء جو دور اچي ويندو.  الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.

یا الٰہی! دے ہمیں بھی دولتِ شرم و حیا                                              حضرتِ عثماں غنی با حیا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيقرار رهڻ

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيمار ٿي پيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم کي ساڻ وٺي سندن تيمار داري جي لاءِ تشريف وٺي ويا