Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq
هو.([1]) * ٻڪري، مرغي، اٺ، خرگوش(سَهو)، ۽ مڇي جو گوشت کائڻ، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ثابت آهي. ([2]) * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻڪري جو ڪنڌ،([3]) بازو(يعني اڳين ٽنگهن)، ([4]) ۽ ران جو گوشت کائڻ پسند هو. ([5])
گوشت جا فائدا ۽ احتياطون : * علامه احمد بن محمد قسطلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا؛ ٻڪري جو هلڪو گوشت؛ ڳچيءَ، ٽنگهن ۽ ڪنڌ جو هوندو آهي اهو معدي جي لاءِ هلڪو ۽ جلدي هضم ٿئي ويندو آهي. ([6]) * گوشت جسم کي پروٽين، آئرن، وٽامن B وغيره فراهم ڪندو آهي ۽ وٽامن A۽ B هڏين، ڏندن، اکين، دماغ ۽ جلد جي لاءِ فائيدي مند آهي([7]) * گوشت رت کي صاف ڪندو * 70 قوتون وڌائيندو آهي * ۽ ان جي کائڻ سان عقل وڌندي آهي([8]) * گوشت ٻُڌڻ جي طاقت وڌائيندو آهي([9]) * البت تمام گهڻو گوشت کائڻ کان بچڻ گهرجي ڇو ته گهڻو گوشت کائڻ دل جي سختي جو سبب آهي([10]) * ان جو گهڻو استعمال ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس، معدي ۽ جگر جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو * بالغ ماڻهن کي ڏينهن ۾ 70 گرام جڏهن ته هفتي ۾ 500 گرام يعني اڌ ڪلو گوشت کائڻ گهرجي. هفتي ۾ ٽي يا ان کان وڌيڪ ڀيرا گوشت
[1]...المواہب اللدنیہ، المقصد الثالث، الفصل الثالث...الخ، النوع الاول...الخ، جلد:2، صفحہ:128 ۔
[2]...المواہب اللدنیہ، المقصد الثالث، الفصل الثالث...الخ، النوع الاول...الخ، جلد:2، صفحہ:130 ۔
[3]...مسند امام احمد، مسند النساء، جلد:11، صفحہ:168، حدیث:27790۔
[4]...ترمذی، کتب الاطعمۃ، باب ماجاء ای اللحم...الخ، صفحہ:455، حدیث:1837۔
[5]...بخاری، کتاب احادیث الانبیا، باب قول اللہ تعالیٰ وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا ...الخ، صفحہ:851، حدیث:3340۔
[6]... المواہب اللدنیہ، المقصد الثالث، الفصل الثالث...الخ، النوع الاول...الخ، جلد:2، صفحہ:129 ۔
[7]... ماہنامہ فیضان مدینہ، اگست 2019، صفحہ:53۔
[8]...مدارج النبوۃ، باب یاز دہم در عبادات و طعام و شراب وغیرہ، جز:1، صفحہ:458 ملتقطاً۔
[9]...اتحاف السادۃ المتقین، کتاب اداب المعیشۃ...الخ، بیان ادابہ...الخ، جلد:8، صفحہ:238 ۔
[10]...مدارج النبوۃ، باب یاز دہم در عبادات و طعام و شراب وغیرہ، جز:1، صفحہ:458 ۔