Book Name:Kamil Momin Kon

ان ۾ به ڊپ هوندو هو ته ڪٿي ابو(پيءُ) ڏسي نه وٺي، ڪو رشتيدار ڏسي منهنجي شڪايت نه لڳائي* هاڻي هي حالت آهي ته والدين پاڻ ٻارن کي وڊيو گيمز جو سامان آڻي ڏيندا آهن* بلڪه پاڻ به کيڏندا آهن* عجيب ۽ غريب قسم جون اخلاق بگاڙيندڙ گيمون اچي چڪيون آهن* ڇا ٻار، ڇا جوان، اولاد، والدين سڀ لڳل آهن* فيس بڪ، يوٽيوب تي پوسٽون ڏسندا رهن ٿا، ريلز، شارٽس ڏسندا رهن ٿا* فضول سڪروولنگ ڪندا رهن ٿا، ڪندا رهن ٿا، ڪيترائي ڪلاڪ انهن فضوليات جي نذر ٿي ويندا آهن* راتيون گذري وينديون آهن* ننڊ پوري نه ٿيندي آهي* طبيعت خراب ٿيندي آهي* ڪرڻ جا ڪم اڌورا رهجي ويندا آهن.

آهه! افسوس!

زمانے کے انداز بدلے گئے                                                                                   نیا راگ ہے، ساز بدلے گئے

حقیقت خرافات میں کھو گئی                                                                                              یہ اُمّت روایات میں کھو گئی

بجھی عشق کی آگ اندھیر ہے                                                                                     مسلماں نہیں خاک کا ڈھیر ہے

وضاحت: زماني جو انداز ئي بدلجي ويو، هاڻي ته ٻوليون ئي بدلجي ويون، نوان نوان طور طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، افسوس! حقيقت جي جاءِ خرافات وٺي ڇڏي آهي، افسوس! هي اُمت پنهنجي اصل روايتن کي وساري ويٺي آهي، ها! ها! عشق جي باھ وسامي وئي، اونداهي ڇائنجي وئي، مسلمان جيڪي قوتِ عشق سان بلند ۽ بالا هئا، مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! يقين ڪريو! فضوليات ۾ پوڻ، وقت برباد ڪرڻ مسلمان جي شان جي خلاف آهي. هڪ سچي مسلمان جي زندگي ۾ فراغت نالي ڪو لفظ ناهي، اسان وٽ چوندا آهن ته فارغ هيس ته دل وندرائڻ لاءِ هي ڪرڻ