Book Name:Kamil Momin Kon

فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيو، حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان وقت مسجد ۾ليٽيل هئا، اهو ڏسي ڪري حضرت معاويه بن خَدِيج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چيو اَمِيرالمؤمنين سمي رهيا آهن...!!

حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هي ٻڌي ڪري هڪدم اٿيا، فرمايائون: مُعاويه اوهان هاڻي ڇا چيو؟ عرض ڪيائين: مون چيو: اَمِيرُالمؤمنين سُمهي رهيا آهن، فرمايائون: مُعَاويه! مان ڏينهن جو سمهي رهان ته رعايا کي برباد ڪري  ڇڏيندس. رات جو سمهي رهان ته پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندس(يعني الله پاڪ جي عبادت کان محروم ٿي ويندس). جڏهن هي صورت آهي ته ڀلا مان ڪيئن ٿو سمهي سگهان؟([1])

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هي اهلِ ايمان هئا..!! هي ڪامل ايمان وارا هئا، انهن کي سمهڻ جو وقت نه ملندو هو، ۽ اسان....!! اسان جي حالت اها آهي جو

دِن لَہْو میں کھونا تجھے، شب صبح تک سونا تجھے

شرمِ نبی، خوفِ خُدا، یہ بھی نہیں، وہ بھی نہیں([2])

 وضاحت: يعني ڏينهن فضوليات ۾ گذري ويندو آهي، رات جو غفلت جي ننڊ سمهي پوندا آهيون، نه شرمِ نبي، نه  خوفِ خُدا، ڪجھ به ناهي.

لگا تکیہ گُنَاہوں کا پڑا دِن رات سوتا ہوں

مجھے اب خوابِ غفلت سے جگا دو یارسولَ اللہ!([3])

  الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. پنهنجي وقت جي قدر ڪرڻ سکي وٺون، * پنهنجو جدول بڻايون* هڪ هڪ منٽ جو حساب رکون ڪجھ وقت


 

 



[1]...الزہد لابن حنبل، زہد عمر بن الخطاب، صفحہ:162، رقم:646 ملخصاً بتصرف۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:111۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ:111۔