Book Name:Kamil Momin Kon

مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو فرمان آهي:  جيڪو نمازن جي حفاظت نٿو ڪري، ان جو دين  ۾ ڪو حصّو ناهي. ([1]) ڪاش! اسان کي نمازن جي فِڪۡر نصيب ٿي وڃي.

توهان قرآن ڪريم پڙھو! پنجين سيپاري ۾ نمازِ خوف جو بيان آهي، نمازِ خوف ڇا ٿيندي آهي؟ جنگ جي حالت ۾ پڙهي ويندڙ نماز...!! هڪ ڀيرو غير مسلمَن سازش ڪئي هئي ته مسلمانن کي نماز گهڻي عزيز آهي، جڏهن هي نماز پڙهي رهيا هوندا ته اسين انهن تي حملو ڪري ڇڏينداسين. الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ کي نمازِ خوف جو حڪم ڏنو ته عين حالتِ نماز ۾ جڏهن نماز جو وقت ٿي وڃي ته پوءِ ائين ڪيو جو اڌ صحابي سڳورا نماز ۾ شريڪ ٿين، اڌ حفاظت ڪن، پوءِ باقي اڌ نمازِ باجماعت ۾ شامل ٿين ۽ پهريان وارا حفاظت ڪن. غرض نمازِ خوف جو هڪ پورو طريقو آهي، جيڪو ڪتابن ۾ لکيل آهي.

عرض ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اڄ اسان معمولي ڪمن جي ڪري نماز قضا ڪري ڇڏيندا آهيون، جماعت ڇڏي ڏيندا آهيون جڏهن ته نماز ايتري اهم آهي جو عين حالتِ جنگ ۾ جڏهن غير مسلم حملو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري چڪا هئا، ان وقت به نماز قضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

آ گیا عین لڑائی میں اگر وقتِ نماز                                                                                   قبلہ رُو ہو کے زمیں بوس ہوئی قومِ حجاز

ایک ہی صَف میں کھڑے ہو گئے محمود و ایاز                     نہ کوئی بندہ رہا نہ کوئی بندہ نواز([2])

الله پاڪ توفيق بخشي، اسان کي نماز جي فڪر نصيب ٿي وڃي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم


 

 



[1]... مصنف عبد الرزاق، کتاب الطہارت، باب الجرح لا یرقا، جلد:1، صفحہ:116، حدیث:579۔

[2]...کلیاتِ اقبال(اردو)،بانگ ِدار،صفحہ:193  ۔