Book Name:Kamil Momin Kon

آيا آهن * هڪ ڀيري ڪنهن سندن کان حال پڇيو ته فرمايائون: وچ سمنڊ ۾ جنهن جي ٻيڙي ٽُٽي پئي، اهو به مون کان بهتر حالت ۾ هوندو. پڇيو ويو: ائين ڇو؟ فرمايائون: مان گناھگار ٻانهو آهيان ۽ جيڪي ڪجھ نيڪيون ڪري سگهيو آهيان، اهي قبول ٿيون، يا منهنجي منهن تي هنيون وينديون، مان نه ٿو ڄاڻان. ([1])

یا الٰہی !جب بہیں آنکھیں حِسابِ  جُرْم میں        اُن تبسم ریز ہونٹوں کی دُعا کا ساتھ ہو

یا الٰہی!جب حسابِ خندۂ بیجا رُلائے                                           چشمِ گریانِ شفیعِ  مُرتجٰے کا ساتھ ہو

یا الہٰی!رنگ لائیں جب مری بے باکیاں             اُن کی نیچی نیچی نظروں کی حیاکا ساتھ ہو([2])

 وضاحت: اي الله پاڪ! محشر جي ڏينهن جڏهن منهنجي نافرمانين جو حساب مونکي خوفزده ڪري ۽ اکين مان نيرَ جاري ٿي وڃن! اي ڪاش! ان وقت والضحيٰ جي چهري واري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُسڪرائيندي چپن جي دعا جو ساٿ ملي وڃي. اي الله پاڪ! جڏهن قيامت قائم ٿئي حساب ۽ ڪتاب جو خوف روئاري. ڪاش! ان وقت امت جي غم ۾ لڙڪ وهائڻ واري آقا جي شفاعت نصيب ٿي. اي الله پاڪ! جڏهن منهنجي گناھن ۽ بي حيائين جو پردو کُلي، ان وقت نگاهون هيٺ رکڻ واري، حياء واري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حياء جو فيضان نصيب ٿي وڃي.

   پيارا اسلامي ڀائرو: هي به ڪامل ايمان جي نشاني آهي، جنهن جو ايمان جيترو مضبوط هوندو آهي، ان تي اوترو ئي خوفِ خُدا جو غلبو رهندو آهي. ڪاش! اسان کي خوفِ خُدا جي دولت نصيب ٿي وڃي. اسان جي اندر خوفِ خدا ڪيئن پيدا ٿيندو؟ *ان جي لاءِ قرآنِ پاڪ جي تلاوت جي عادت بڻائي وڃي، خاص ڪري اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب جو، جهنم جو، قيامت جو


 

 



[1]... آداب الحسن البصری، صفحہ:25 -26 -27،ملتقطًا۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:133۔