Book Name:Kamil Momin Kon

ذڪر آهي، انهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي ڪري ذهن ۾ ويهاري خوب توجھ سان باربار انهن آيتن جي تلاوت ڪئي وڃي* حديثن ۾ خوفِ خدا جو بيان آهي، اهڙيون حديثون پڙهيون وڃن *خوفِ خُدا تي مبني ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي *خوفِ خُدا رکڻ وارن بزرگانِ دين جي سيرت پڙهي وڃي *جدول ٺاهي ڪري روزانو يا گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو قبرستان حاضري ڏني وڃي، اتي فاتحه شريف به پڙهي وڃي گڏوگڏ هن ڳالھ تي غور به ڪيو وڃي ته عنقريب مونکي به قبر ۾ لهڻو آهي، ان وقت منهنجي بي وسي جو عالَم ڇا هوندو؟ پوءِ قبر جي معاملات تي غور به ڪيو وڃي دل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو مدني گُل جيڪو امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي تعليمات مان حاصل ٿيندو آهي اهو هي آهي ته شروع ۾ خوفِ خدا صرف هڪ خيال جيان هوندو آهي، دل ۾ آيو ۽ ختم ٿي ويو، ڪڏهن اوچتو قبر جو خيال اچي ويو، ڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ جو خيال اچي ويو، ڪڏهن جهنم جو خيال اچي ويو، هي خيال بس ڪجھ سيڪنڊ جو هوندو آهي ۽ هي خيالات خوفِ خدا جي متعلق پڙهندو رهڻ سان، خوفِ خُدا جي متعلق بيانات وغيره ٻڌندو رهڻ سان حاصل ٿيندا آهن، پوءِ جڏهن هي خيالات دل ۾ اچڻ لڳن ته پوءِ ضروري آهي ته هنن خيالن کي دل ۾ مضبوط ڪيو وڃي، مثال طور روزانو رات جو اڪيلائي ۾ ويهي ڪري قبر ۽ آخرت جو تصور ڪيو وڃي، باربار قبرستان حاضري ڏني وڃي. هن طرح باربار خوفِ خدا وارن خيالن جو تصور ڪندو رهڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آهسته آهسته هي خيالات دل ۾ مضبوط ٿي ويندا.

یاربّ!  میں تیرے خوف سے روتا رہوں ہر دم  دیوانہ شہنشاہِ مدینہ کا بنا دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد