Book Name:Kamil Momin Kon

هاڻي اسان ان کي قرآنِ ڪريم ڏيکاريو. ان ڏسڻ کان پوءِ چيو: مون کي ته هي پڙهڻ نٿو اچي. جيئن ته اسان ان کي پڙهي ٻڌايو.

الله! الله! قرآنِ ڪريم جي ڇا ته نرالي شان آهي، اسان جيئن ئي تلاوت ڪئي، قرآنِ مجيد جي مقدس لفظن جو اثر تير بڻجي سندس دل تي لڳو، هاڻي اهو تلاوت ٻڌندو رهيو، روئندو رهيو، آخر ۾ چيائين: هي جنهن هستي جو ڪلام آهي، حق ٿو ٿئي ته ان جي نافرماني نه ڪئي وڃي. هي چئي ان اڳوڻي مشرڪ ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو.

هاڻي اسان ان کي پاڻ سان گڏ بحري جهاز ۾ سوار ڪري ورتو. رستي ۾ اسان ان کي قرآنِ ڪريم جي هڪ سورت به سيکاري. جڏهن رات ٿي ته اسان سڀئي پنهنجن بسترن ڏانهن وڌياسين، ان نئين مسلمان چيو: اي قوم! اهو خدا جنهن جي سڃاڻپ اوهان مون کي ڪرائي، ڇا اهو سمهندو آهي؟ اسان چيو: نه، اهو حَیّ و قَیُّوم آهي، ان کي نه ننڊ ايندي آهي، نه جهوٽو ايندو آهي. هي ٻڌي ڪري ان نئين مسلمان چيو: هي بي ادبي آهي ته ٻانهو پنهنجي مالڪ جي اڳيان سمهي رهي. هي چئي ڪري اهو اٿي بيهي رهيو، سڄي رات اٿي بيٺو روئندو رهيو، روئندو رهيو، ايتري تائين جو صبح ٿي وئي.

عبد الواحد بن زيد فرمائن ٿا: جڏهن اسان عِبادان (نالي شهر) ۾ پهتاسين ته اسان دوستن گڏجي ڪجهه رقم جمع ڪئي ۽ ان نئين مسلمان کي ڏني. رقم ڏسي ان چيو: هي ڇا آهي؟ اسان چيو: اسان تنهنجي مدد ڪري رهيا آهيون. ان بي نيازي سان چيو: سُبْحٰنَ اللہ! توهان مون کي اهو رستو ڏيکاريو جيڪو توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو. ڀلا جڏهن مان جزيري تي هئس، غيرالله جي عبادت ڪندو هئس، الله پاڪ ان وقت مون کي بکيو نه ڇڏيو ته هاڻي ڪيئن ضايع فرمائيندو؟ هي چئي ڪري اهو اسان کان جدا ٿي ويو.

ڪافي عرصي کان پوءِ مون کي خبر ملي ته اهو نئون مسلمان نزع جي حالت