Book Name:Kamil Momin Kon

۾ آهي، مان جلدي سان ان وٽ پهتس. سلام ڪيو. پڇيو: ڪا حاجت آهي؟ چيائين: اهو ڪائنات جو ربّ جنهن کي مان سڃاڻندو به نه هئس، ان توهان کي جزيري تي موڪلي منهنجي حاجت پوري فرمائي هئي، هاڻي ڪا حاجت نه آهي. فرمائن ٿا: ان کان ڪجهه ئي دير بعد ان نئين مسلم جو روح پرواز ڪري ويو ۽ ربّ جي حضور حاضر ٿي ويو.

هاڻي مون ان جي تجهيز و تڪفين وغيره ڪئي، جنازو پڙهيو ۽ دفن ڪري ڇڏيو. رات جو مون کي خواب آيو ته هڪ خوبصورت گنبذ آهي، ان جي هيٺان پيارو تخت وڇايل آهي، تخت تي هڪ نهايت خوبصورت حور ويٺي آهي ۽ اهو نئون مسلمان تمام سٺي حالت ۾ حور جي ويجهو ويٺو آهي، حور ان کي بار بار چئي رهي آهي: ([1])

سَلٰمٌ عَلَیْکُمْ بِمَا صَبَرْتُمْ فَنِعْمَ عُقْبَی    الدَّارِ (۲۴) (پارہ:13، الرعد:24)

ترجموڪنزالعرفان: توهان تي سلامتي هجي ڇوته توهان صبر ڪيو پوءِ آخرت جو گهر ڪهڙو نه سٺو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي...!! ربّ رحمٰن جنهن تي رحم فرمائي، اُن جا ڀاڳ ئي کلي ويندا آهن. اسان اَلحَمۡدُلله! مسلمان آهيون، اهل ايمان آهيون، اچو! الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شڪريو ادا ڪيون ٿا:

دولتِ ایماں عطا کی، اپنے دامَن میں لیا                                    کفر سے ہم بینواؤں کو بچایا شکریہ

گرچہ شیطاں ہر گھڑی ایمان کی ہے گھات میں                          تم نے تھاما، جب کبھی میں ڈگمگایا شکریہ

مُنہ لگاتا تھا کہاں دُنیا میں کوئی بھی مجھے                                                ایسے ناکارہ نکمّے کو نبھایا شکریہ

خاتمہ بالخیر ہو میرا مدینے میں اگر                                                                              بال بال اُٹھے پُکار اپنا، خُدایا...!! شکریہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... مواعظِ ابن جوزی، ص:۴۰