Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

   هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هو، نالو مبارڪ سعد هو ۽ رنگ ڪارو هو. هڪ ڏينهن بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا منهنجي ڪاري رنگ جي ڪري مون کي جنت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو: ڇا تون الله ۽ رسول تي ايمان رکين ٿو؟ عرض ڪيو: جي ها! مان 8 مهينا اڳ مسلمان ٿيو آهيان. فرمايو: خدا جي قسم! پوءِ تنهنجو رنگ توکي جنت کان نه روڪيندو. حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن ڳالهه اهڙي آهي (ڪارو رنگ جنت ۾ وڃڻ کان رڪاوٽ نه آهي) ته پوءِ مون کي ڪو رشتو ڇو نه ٿو ڏئي؟

هاڻي اصل معاملو واضح ٿي چڪو هو. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: تون فلاڻي صحابي وٽ وڃ! انهن کي چئو ته الله پاڪ جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجي ڌيءُ جو نڪاح مون سان ڪري ڇڏيو آهي. حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان صحابيءَ جي گهر پهتا، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو پيغام انهن کي پهچايو، صحابہ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم الحمدلله! فرمانبردار هئا، انهن پيغام ٻڌو ته فوراً بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجي ڌيءُ جو نڪاح حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان ڪري ڇڏيو. هاڻي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ لاءِ پئسن جو انتظام فرمايو، انهن پئسا ورتا پنهنجي زوجه(گهرواري) لاءِ ڪجهه شيون خريدڻ بازار هليا ويا.

هاڻي هي موقعو قرباني جو آهي، نه ڄاڻ ڪيتري عرصي کان دل ۾ شاديءَ جي حسرت هوندي، اڄ اها حسرت پوري ٿي، حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو هاڻي هاڻي نڪاح ٿيو آهي، اڃا زوجه(گهرواري) کي ڏٺو به نه آهي، بازار مان پنهنجي نئين ڪنوار لاءِ شيون خريد ڪري رهيا هئا ته اعلان ٿيو: اي انسانو! پيارا آقا، مڪي