Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنگ لاءِ روانا ٿيڻ وارا آهن، سڀئي جلدي حاضر ٿي وڃن. حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اهو اعلان ٻڌو ته مٿو آسمان ڏانهن کنيو ۽ چيو: اي الله ڪريم! مان انهن پئسن کي تنهنجي ۽ تنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا لاءِ خرچ ڪندس. جيئن ته سندن انهن پئسن مان هڪ گهوڙو، هڪ نيزو، هڪ تلوار ۽ هڪ ڍال خريد ڪئي، عمامو ٻڌو، جنگ جي تياري ڪئي ۽ لشڪرِ اسلام سان وڃي مليا. جنگ ۾ شريڪ ٿيا، وڏي بهادري سان وڙهيا، ڪيترن دشمنن کي جهنم پهچايو، آخرڪار ميدانِ جنگ ۾ هڪ آواز گونجيو: سعد کي نيزو لڳو ۽ اهي شهيد ٿي ويا.
هي قرباني هئي، هن جنگ ۾ شهيد ته ٻيا صحابي به ٿيا هوندا پر حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيان نئين ڪنوار کي انتظار ڪندڙ ڇڏي، دل جون حسرتون دل ئي ۾ دٻائي شايد ڪو نه آيو هوندو، ان لاءِ انهن جي قرباني ٻين جي نسبت تمام گهڻي مختلف هئي، هن قرباني جي شان نرالي هئي. هن عظيم قرباني تي انهن کي انعام ڇا مليو، ٿوري دل جهلي ڪري ٻڌو!
روايت ۾ آهي: جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شهادت جي خبر ملي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا فَرَفَعَ رَاْسَہٗ وَوَضَعَہٗ عَلیٰ حِجْرِہٖ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سعد جو سر پنهنجي جھولي ۾ رکيائون وَ مَسَحَ عَنْ وَجْہِہِ التُّرَابَ بِثَوْبِہٖ ۽ انهن جي چهري جي مٽي پنهنجي ڪپڙن سان صاف ڪئي ۽ فرمايائون: مَا اَطْیَبَ رِیْحَکَ وَ اَحَبَّکَ اِلَی اللہِ وَ رَسُوْلِہٖ (اي سعد!) تنهنجي خوشبو ڪيتري پياري آهي، تون الله ۽ رسول جو ڪيترو پيارو آهين...!!