Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
الله! الله! حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي هن نصيب تي هزار جانيون فدا ٿين، ڪيڏو نرالو نصيب آهي، زمانو جنهن جي هڪ جھلڪ ڏسڻ کي ترسندو آهي، ملائڪ جنهن جي در تي حاضري جي خواهش ڪندا آهن، اُهو بلند رتبه نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو اُمَّتي ٿيڻ جي خواهش نبين ڪئي، اهي محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي صحابيءَ تي ڪيڏي شفقت فرمائي رهيا آهن، جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هنن جو سر پنهنجي جھولي ۾ رکيو هوندو، پنهنجي ڪپڙن سان هنن جي چهري جي مٽي صاف ڪئي هوندي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي هنن تي ڪهڙو رشڪ آيو هوندو...!!
پر هي انعام هتي ختم نه ٿيا، روايت ۾ آهي: پيارا آقا، رسولِ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رُنا، پوءِ مسڪرايا ۽ پنهنجو چهرو مبارڪ هڪ طرف ڦيري ڇڏيو ۽ فرمايو: وَرَدَ الْحَوْضَ وَ رَبِّ الْکَعْبَۃِ ربِ ڪعبه جي قسم! سعد حوضِ ڪوثر تي پهچي چڪا آهن.
صحابہ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان پهريان رُنا، پوءِ مسڪرايا ۽ چهرو مبارڪ هڪ طرف ڦيرائي ڇڏيو، هن ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟ فرمايائون: مان سعد جي محبت ۾ رُنو هيس ۽ الله پاڪ سعد کي جيڪو مقام عطا فرمايو، اُن کي جنهن عزت سان نوازيو آهي، اُن کي ڏسي مسڪرائي ڏنو ۽ مون ڏٺو ته جنتي حورون جيڪي سعد جي نڪاح ۾ ڏنيون ويون، اهي ڊوڙندي هن جي طرف اچي رهيون هيون، اُنهن کان حياءُ سبب مان پنهنجو چهرو ڦيرائي ڇڏيو هو. ([1])
سبحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي قرباني...!! ۽ هي آهي قرباني جو انعام...!!