Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
جي سامهون پيش ٿيا، تقريباً 12 هزار جو لشڪر سامهون آهي، ان جي باوجود سندن چهري تي ڪو خوف ۽ خطرو نه هو، پاڻ ميدان ۾ تشريف کڻي آيا، يزيدي فوج کي الله پاڪ جي عذاب ۽ جهنّم جي باهه کان ڊيڄاريو، انهن کي ٻڌايو ته مان حُسين آهيان، توهان جي نبي جو ڏوهٽو آهيان، سيده پاڪ بتول زهراء رَضِیَ اللہُ عنہا جو شهزادو آهيان، هن ظلم کان باز اچو! اسان سان جنگ ڪري پنهنجي آخرت خراب نه ڪريو!
ان وقت يزيدي فوج ۾ هڪ بهادر نوجوان موجود هو، جن جو نالو هو: حُرْ بن يزيد. ان جي دل ڪجهه ته پهرين ئي بيچين هئي، امامِ عالي مقام امام حُسين رَضِیَ اللہُ عنہ جو خطبو ٻڌي بيچيني اڃا وڌي وئي، بيقراري اهڙي ٿي جو هڪ جاءِ تي بيهي نه سگهيا، يزيدي لشڪر جي سپهه سالار عمرو بن سعد وٽ پهتا، چيائين: توهان امام سان جنگ ڪندؤ ته رسولُ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي ڇا جواب ڏيندؤ؟ عمرو بن سعد وٽ هن سوال جو ڪو جواب نه هو پر افسوس! دنيا جي محبت جڏهن دل تي چڙهيل هجي ته ڪا نصيحت ڪم ناهي ايندي...!! عمرو بن سعد تي به نصيحت اثر نه ڪيو. حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هتان مايوس ٿي واپس ميدان ۾ آيا، *جسم ڪنبي رهيو آهي، *چهرو پيلو آهي، *پريشاني جا آثار صاف نظر اچي رهيا آهن، * دل ايتري زور سان ڌڙڪي رهي آهي جو ويجهو سپاهي به حيران آهن.
سندن ڀاءُ مُصْعَب به گڏ ئي موجود هو: پڇيائين: ڀاءُ...!! تون بهادر آهين، بهترين جنگجو آهين، تون پهريون ڀيرو ته جنگ ۾ نه آيو آهين...!! تو ڪيترن ئي بهادرن کي ڌوڙ ۾ ملايو آهي، پوءِ اڄ ڇا معاملو آهي؟ هي بيچيني ڇو آهي؟ حضرت حُرْ محبتِ اَهلِ بيت ۾ ٻُڏل، خوفِ خدا سان لرزندي چيو: ڳالهه هيءَ آهي ته هي جنگ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي شهزادن سان آهي، ڪنهن