Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
دشمن سان نه بلڪ پنهنجي ئي آخرت سان جنگ آهي، مان هن وقت جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ بيٺو آهيان، دنيا پوري طاقت سان مون کي جهنم جي طرف ڇڪي رهي آهي، ان لاءِ دل ڪنبي رهي آهي.
حُر نے فرمایا: برادر! تجھے یہ بھی ہے خبر اس لڑائی میں مُقَابِل ہے پیمبر کا پِسَر(بیٹا)
عاقبت سے جسے لڑنا ہو بِلا خوف و خطر اس لڑائی میں دِکھائے وہ دلیری کے ہُنر
درمیانِ دوزخ و جنّت کے کھڑا ہوں میں یہاں خوفِ دوزخ سے ہُوں اس وقت بےتاب و تواں
اڃا هي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته هڪ ڀيرو وري امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي آواز گونجي، فرمايائون: ڪو آهي جو اَڄ آلِ رسول تي جان قربان ڪري ۽ رسولِ ڪائنات صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي حُضُور ڪاميابي ماڻي...!!
الله! الله! هي پيارو آواز ٻڌڻ جي دير هئي، حضرت حُرْ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھوڙو ڊوڙايو، يزيدي ظالم سمجهي رهيا هئا ته شايد امامِ عالي مقام تي حملو ڪرڻ وڃي رهيا آهن پر هتي ته مُعَاملو ڪجهه ٻيو ئي هو، حضرت حُرْ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِمامِ عالي مقام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، گھوڙي تان لٿا، ادب سان بيٺا، عرض ڪيائون: اي ابنِ رسول! مان اهوئي حُرْ آهيان، جنهن پهرين توهان جو رستو روڪيو هو، منهنجي غلطي معاف فرمائي ڇڏيو! ۽ اڄ اَهلِ بيت تي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي اجازت ڏيو! امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِیَ اللہُ عنہ انهن جي معذرت قبول ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
حُرْ کو جنّت بھی ملی، اَوجِ شہادت بھی مِلا اِک نظر میں شاہ نے قطرے کو دریا کر دیا