Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
جڏهن حضرت حُرْ جي ڀاءُ مُصْعَب بن يزيد هي منظر ڏٺو ته انهن کي به جوش آيو، انهن به گھوڙو ڊوڙايو ۽ اَهلِ بيتِ اَطْهَار جي پاڪ لشڪر ۾ شامل ٿي ويا.
دورانِ جنگ هي ٻئي ڀائر ۽ انهن جو هڪ غلام خوب وڙهيا، اڪيلي حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تقريباً 40 يزيدين کي جهنم رسيد ڪيو. [1] آخر ۾ چوٽ کائي ڪِري پيا ۽ شهادت جو جام پي ڪري جنت ڏانهن وڌيا.[2]
اعليٰ حضرت جا ڀاءُ مولانا حَسَن رضا خان صاحِب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جڏهن حضرتِ حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه زخمي ٿي ڪِري پيا ته پاڻ امامِ عالي مقام امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي پڪاريو، امام عالي مقام بي قرار ٿي تشريف کڻي آيا، يزيدين سان وڙهندي پنهنجي جانثار تائين پهتا، حضرت حُرْ کي ميدان مان کنيو، خيمي جي قريب آيا ۽ سُبْحٰنَ اللہ! امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حضرت حُرْ جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکيو، وڏي پيار سان انهن جو مٿو ۽ رخسار صاف ڪيا، حضرت حُرْ جو ساھ اڃا باقي هو، پاڻ اکيون کوليون، مسڪرائي امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي طرف ڏٺو ۽ عرض ڪيو: حُضُور...!! هاڻي ته مون سان خوش آهيو؟ امام عالي مقام فرمايو: ها! مان راضي آهيان، الله به توهان سان راضي ٿي وڃي...!! حضرت حُرْ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي خوشخبري ٻڌي ۽ ان سان گڏ ئي سندن روح جسم کان پرواز ڪري ويو. ([3])
آرزو یہ ہے کہ نکلے دم تمہارے سامنے تم ہمارے سامنے ہو ہم تمہارے سامنے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد