Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

جميل منظر هوندو، الله! الله! *جڳهه ڪهڙي آهي؟ دنيا جي ٻي اَفضل ترين مسجد يعني مسجدِ نبوي شريف...!! *وقت ڪهڙو آهي؟

وہ بھی عصر کہ سب سے جو اعلیٰ خطر کی ہے

يعني سڀني کان وڌيڪ اَهميت واري نماز نمازِعصر جي بعد جو وقت آهي  * سامهون ڪير ويٺا آهن؟ سڀني اُمّتن ۾ اَفضل ترين اُمَّت جا اَفضل ترين ماڻهو يعني صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم..!! * ڪلام فرمائڻ وارا ڪير آهن؟ سڄي مخلوقات ۾ اَفضل و اعليٰ، اِمامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم...!! هاڻي هي*ڪيتري خوبصورت* ڪيتري فضيلت واري* ڪيتري اعليٰ* ۽ نرالي محفل سجيل آهي ۽ قربان وڃو! هن عظيمُ الشان اجتماعِ پاڪ جو عنوان ڪهڙو آهي؟ فضائلِ حَسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ .... !!

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي انهن 2 مقدس شهزادن جي...!! هاڻي اڳتي حديث شريف ٻڌو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي شهزادن کي اڃان تائين ڪلهن تي ويهاري رکيو هو، انهيءَ حالت ۾ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي خطاب ڪندي، فرمايو: اي انسانو! اَلَا اُخْبِرُکُمْ بِخَیْرِ النَّاسِ جَدًّا وَ جَدَّۃً  ڇا مان توهان کي انهن جي باري ۾ نه ٻڌايان، جن جا نانا ۽ ناني سڀني ماڻهن جي نانن ۽ نانين کان بهتر آهن؟ پوءِ فرمايو: اَلَا اُخْبِرُکُمْ بِخَیْرِ النَّاسِ عَمًّا وَ عَمَّۃً؟ ڇا مان توهان کي انهن جي باري ۾ نه ٻڌايان، جن جا چاچا ۽ چاچيون تمام ماڻهن جي چاچن ۽ چاچين کان بهتر آهن؟ اَلَا اُخْبِرُکُمْ بِخَیْرِ النَّاسِ عَمًّا وَ عَمَّۃً؟ ڇا مان توهان کي انهن جي باري ۾ نه ٻڌايان، جن جا ماما ۽ ماسيون سڀني ماڻهن جي مامن ۽ ماسين کان بهتر آهن؟ اَلَا اُخْبِرُکُمْ بِخَیْرِ النَّاسِ اَبًّا وَ اُمًّا؟ ڇا مان توهان کي انهن جي باري ۾ نه ٻڌايان، جن جا والد ۽ والدہ نهايت ئي اَفضل ترين آهن؟ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مسلسل هي سوال