Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

۽ ٻانهيون هونديون هيون، هي رواج ڪڏهن شروع ٿيو ۽ اسلام ان سلسلي ۾ ڪهڙي تعليمات ڏني، غلامن کي آزاد ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل بيان ٿيا، هي هڪ الڳ عنوان آهي)، خير! مان عرض ڪري رهيو هئس ته امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي هڪ ٻانهي هئي، هڪ دفعي هيءَ ٻانهي سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ته تمام سٺي طريقي سان سلام عرض ڪيو۔ امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سلام جو جواب ڏنو ۽ گڏ ئي فرمايو: اَنْتِ حُرَّۃٌ لِوَجْہِ اللہِ " وڃ! تون رب جي رضا جي لاءِ آزاد آهين.

ويجهوئي هڪ شخص ويٺو هو، ان کي حيراني ٿي، عرض ڪيائين: عالي جاھ! ٻانهي آهي، توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿي، ان فقط سلام ئي ڪيو آهي ۽ توهان ان کي آزاد ڪري ڇڏيو، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ هاڻي امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو جواب ٻڌو! فرمايائون: الله پاڪ جو ارشاد آهي۔

وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ  اَوۡ رُدُّوۡہَا ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلٰی کُلِّ  شَیۡءٍ  حَسِیۡبًا (۸۶)

(پارہ؛5،سورۂِ النساء:86)

ترجمو ڪنزالعرفان: جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان بهتر لفظ سان جواب ڏيو يا اهي ئي لفظ چئي ڇڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي حساب وٺڻ وارو آهي.

هن آيت ۾ الله پاڪ حڪم ڏنو آهي ته سلام ڪرڻ وارو جنهن لفظن سان سلام ڪري، اوهان ان کان بهتر انداز ۾ جواب ڏيو! معاملو هي آهي ته هن ٻانهي جنهن خوبصورت طريقي سان سلام ڪيو آهي، مون تي حق هو ته ان کان بهتر جواب ڏيان ها، پر ان کان بهتر جواب لفظن ۾ ته ٿي نه پئي سگهيو، تنهنڪري مون ان کي آزاد ڪري ڇڏيو.([1])


 

 



[1]...کتاب ُالشُعَب، فصل رابع، سخاء الحسین و کرمہ، صفحہ :100۔