Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو...!! قرآن شريف تي نظر ڏسو، ڪهڙي ڪمال جي آهي...!! هي به سندن علمي ڪمال آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه هر ڳالهه تي قرآني آيتون پڙهندا هئا، قرآني آيتن ذريعي نصيحتون ڪندا هئا. هاڻي اسان ٿورو غور ڪريون، اسان کي ڪيتريون آيتون ياد آهن؟ روزانو جي معاملن ۾ اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ڪا آيت ياد اچي ويندي آهي؟ قرآن ڪريم ۾ 6 هزار کان وڌيڪ آيتون آهن، اسان سڀ غور ڪريون ته انهن 6 هزار کان وڌيڪ آيتن مان منهنجو ڪيترين آيتن تي عمل آهي؟

مشڪل سوال آهي۔ جڏهن آيتون ياد ئي ناهن، انهن جو ترجمو ۽ تفسير ئي معلوم ناهي ته عمل ڪيئن ڪنداسين؟ ڏسو! اسان الحمد لله! مسلمان آهيون۔ هڪ مسلمان لاءِ سڀ کان اهم ترين ڪتاب قرآن ئي آهي، ان کان سواءِ ڪا ٻي ڳالهه ته ٿي ئي نٿي سگهي پر ڪيتري افسوس جي ڳالهه آهي! اڄ اڪثر مسلمانن کي قرآن سمجهڻ ته پري جي ڳالهه صحيح طور تي عربي لهجي ۾ پڙهڻ به نٿو اچي، هزارين نه لکين اهڙا آهن جن ناظره پڙهيو ته هوندو پر صحيح تجويد سان ناهن پڙهندا، صاد کي سين پڙهندا آهن، عين کي همزه پڙهندا آهن، حاء کي ھا پڙهندا آهن، قاف کي ڪاف پڙهندا آهن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون غلطيون ڪري رهيا هوندا آهن جن سان معنيٰ بدلجي ويندي آهي، سورهءِ فاتحه ۽ سورهءِ اخلاص به ڪيترن ئي کي صحيح پڙهڻ نٿي اچي، جڏهن غلط پڙهن ٿا، معنيٰ بدلجي وڃي ٿي ته ائين پڙهڻ سان نماز به نٿي ٿئي...!

هاڻي ڇا ڪريون؟ الحمد لله! دعوت اسلامي آهي، الله پاڪ عاشقانِ رسول جي هن پياري تحريڪ کي آباد رکي، دعوت اسلامي وارا مدرسة المدينه بالغان لڳائيندا آهن، ان ۾ شرڪت ڪريو! قرآن شريف صحيح پڙهڻ اچي ويندو. * فجر کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جا حلقا لڳندا آهن، ان ۾ شرڪت ڪريو! تفسير صراط الجنان پڙهو! تفسير تعليم القرآن پڙهو! نور العرفان پڙهو! خزائن العرفان پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآن شريف جي ڪجهه نه ڪجهه سمجھ