Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

پيرن تائين رکان؟ فرمايائون: نه۔ مون عرض ڪيو: ڀيڏين کان هيٺ تائين رکان؟ فرمايائون: مَا اَسْفَلَ مِنَ الْکَعْبَیْنِ فِی النَّارِ يعني جيڪو ڪپڙو ڀيڏين کان هيٺ لٽڪندو آهي، اهو باهه ۾ آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سنتن جو لحاظ رکندا هئا، لباس ۾ سنت هي آهي ته گوڏ (يا شلوار وغيره) ڀيڏين کان مٿي رهي۔ امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان جو لحاظ فرمايو۔ هاڻي امام حسين جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارا ٿورو پنهنجي لباس تي غور ڪن، اسان لباس ۾ سنتن جو لحاظ رکون ٿا يا جديد فيشن تي هلون ٿا؟ اسان جي مٿي تي سنت جي مطابق عمامو شريف سجايل آهي يا نه؟ اسان جي شلوار، پاجامو يا پينٽ وغيره  ڀيڏين کان مٿي هوندي آهي يا جديد فيشن جي بي جا محبت جي سبب ڀيڏين کان هيٺ لٽڪي رهي هوندي آهي؟  افسوس! اڄڪلهه فيشن پرستي جو دور هلي رهيو آهي، هلڻ، ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، پهرڻ وغيره ۾ سنتن جو لحاظ رکڻ ته پري جي ڳالهه ڪيترن ماڻهن کي انهن سنتن جو علم تائين ناهي هوندو۔ ڪاش! امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي صدقي اسان کي سنتن جي محبت نصيب ٿي وڃي۔ حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِیْ وَ مَنْ اَحَبَّنِیْ کَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّۃِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو مون سان گڏ جنت ۾ هوندو۔([2])

سینہ تری سُنّت کا مدینہ بنے آقا                                                                                   جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:2، صفحہ:227، حدیث:2726۔

[2]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔