Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

ڪندا رهيا، پوءِ پاڻ ئي انهن جا جواب ڏيڻ شروع ڪيا، فرمايائون: ہُمَاالْحَسَنُ وَ الْحُسَینُ..!! اي انسانو! ٻڌو...!! اهي خوش نصيب جن جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهي ڪي ٻيا نه، هي 2 شهزادا حسن ۽ حسين آهن (جيڪي هن وقت منهنجي ڪلهن تي سوار آهن ۽ اوهان انهن جي زيارت ڪري رهيا آهيو) .پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنھنجو بيان جاري رکندي فرمايو: * ‌جَدُّهُمَا رَسُولُ اللهِ انهن جا نانا الله پاڪ جا رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) آهن * جَدَّتُهُمَا خَدِيجَةُ سندن ناني جان خديجة الڪبريٰ (رَضِىَ اللهُ عَنْها) آهن * اُمُّهُمَا فَاطِمَةُ بِنْتُ رَسُولِ اللهِ انهن جي اَمڙ سائڻ ٻنهي جهانن جي رسول جي شهزادي سيده فاطمةُالزَهرَا (رَضِىَ اللهُ عَنْها) آهن اَبُوهُمَا عَلِيُّ بْنُ اَبِي طَالِب انهن جا والد صاحب علي بن ابوطالب (رَضِىَ اللهُ عَنْه) آهن * وَعَمُّهُمَا جَعْفَرُ بْنُ اَبِي طَالِبٍ انهن جا چاچا حضرت جعفر بن ابوطالب (رَضِىَ اللهُ عَنْه) آهن * عَمَّتُهُمَا اُمُّ هَانِئٍ بِنْتُ اَبِي طَالِبٍ انهن جي پڦي اُمِّ هاني (رَضِىَ اللهُ عَنْها) آهن * خَالُهُمَا الْقَاسِمُ بْنُ رَسُولِ اللهِ انهن جا ماما رسولِ ذيشان جا پٽ حضرت قاسم (رَضِىَ اللهُ عَنْه) آهن * خَالَاتُهُمَا زَيْنَبُ، وَرُقَيَّةُ، وَاُمُّ كُلْثُومٍ بَنَاتُ رَسُولِ اللهِ انهن جون ماسيون زينب، رقيه ۽ اُمَّ ڪلثوم (رَضِىَ اللهُ عَنْهنَّ) آهن جيڪي رسولِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون شهزاديون آهن.

پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنھنجو ڪلام وارو سلسلو جاري رکندي فرمايو: اي انسانو! ٻڌو! *‌جَدُّهُمَا فِي الْجَنَّةِ  انهن جا نانا (۽ ناني) به جنتي آهن * اَبُوهُمَا فِي الْجَنَّةِ انهن جا پيءُ (۽ امڙ) به جنتي آهن * عَمُّهُمَا فِي الْجَنَّةِ انهن جا چاچا به جنتي آهن * عَمَّتُهُمَا فِي الْجَنَّةِ انهن جون ڦڦيون به جنتي آهن * خَالَاتُهُمَا فِي الْجَنَّةِ انهن (جا ماما ۽ انهن جون)