Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
۾ آيا. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان بدر ۾ خوب واپار ڪيو، منافعو ڪمائي خوشي خوشي واپس اچي ويا. هن واقعي کي غزوه بدر صُغريٰ چيو وڃي ٿو.
صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي هن ايماني جذبي جي بدلي ۾ الله پاڪ کين چار انعامات عطا فرمايا، ارشاد ٿئي ٿو:
فَانْقَلَبُوْا بِنِعْمَةٍ مِّنَ اللّٰهِ وَ فَضْلٍ لَّمْ یَمْسَسْهُمْ سُوْٓءٌۙ-وَّ اتَّبَعُوْا رِضْوَانَ اللّٰهِؕ-وَ اللّٰهُ ذُوْ فَضْلٍ عَظِیْمٍ(۱۷۴) (پارہ:4، ال عمران:174)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ اُهي الله جي احسان ۽ فضل سان واپس موٽيا، انهن کي ڪا تڪليف نه پهتي ۽ انهن الله جي رضا جي پيروي ڪئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (پارہ:4، ال عمران:173)
(1) هڪ انعام ته اهو ٿيو ته کين الله پاڪ جون نعمتون نصيب ٿيون جو انهن بدر ۾ خوب واپار ڪيو ۽ مال ڪمايو۔
(2) ٻيو انعام اهو ٿيو ته الله پاڪ جو فضل انهن سان گڏ رهيو، مڪي وارا ڊپ جي ڪري بدر ۾ نه آيا۔
(3) ٽيون انعام اهو ته انهن کي نه وڙهڻو پيو، نه ڪو جاني يا مالي نقصان ٿيو ۽ (4) چوٿون ۽ اهم انعام اهو مليو ته کين الله پاڪ جي رضا نصيب ٿي وئي جيڪا ٻنهي جهانن جي وڏي نعمت آهي۔[1]
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسؔن بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز قرآني واقعي ۾ غور ڪريو! صحابه